پر امن سنڌ کي پر تشدد بنائڻ جي سازش قبول ناھي:سسئي پليجو

ٺٽو(ڊ ر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آھي ته پوليس پرامن مظاھرين تي ڪاروائي کان پاسو ڪري، پر امن سنڌ کي پر تشدد بنائڻ جي سازش قبول ناھي. مُظاھرين جي خِلاف تَشدد ۽ زور زبردستي قابل مذمت آھي،سنڌو دريا تي قبضو ڪري سنڌ کي سڪائڻ ڪونه ڏبو احتجاج ڪندڙ سنڌ جا حلالي پٽ آھن انھن کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي، سِنڌ جي پاڻي جي  حَق ۾ مُظاھرين جي پُر امن جَدوجھد جاري آھي،جيڪو ھتان جي عوام جو آھي طاقت جي زور تي حق کسڻ ڪٿان جو قانون آھي، پاڻي جي حق ۾ جدوجھد مُظاھرين جو آئيني حق آھي اھو حق استعمال ڪندي سنڌو درياهه بچائينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.