وڪيلن تي تشدد خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا: زين شاهه

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو بچايو تحريڪ جي ڪنوينئر  سيد زين شاه   پنهنجي رهائشگاھ سيد هائوس مجيد ڪيريو ۾ حافظ ذين ڀٽو ، رمضان ٻرڙو ۽ مجيب سنڌي سان گڏ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي سڀاڻي ( اڄ )  28 اپريل سومر ڏينهن تي رياستي ڏاڍ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويندا. رياست هڪ پاسي سنڌوءَ مٿان ڪينالن اڏڻ جي منظوري ڏني آهي ته ٻئي پاسي ان منظوريءَ خلاف پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي آواز بلند ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪيمپون قائم ڪيو ويٺا آهن انهن ڪيمپن تي  پوليس  چڙهايون ڪري وڪيلن ۽ قوم پرستن تي تشدد ڪري کين زخمي ڪيو ويو آهي. سيد زين شاھ اهو به چيو ته ڪئنالن وارو ڪڌو ڪم ن ليگ ۽ پ پ وارن گڏجي ڪيو ۽ هاڻ چون ٿا ته هار به اسان کي پارايو. سي سي آئي ۾ سنڌ جي ڪا به نمائندگي ناهي . وزير اعلي سنڌ زرداري جو ماڻهو آهي جنهن اين او سي پاڻ ڏني آهي. وڪيلن جي ٻٻرلوء ۾ آئنده جي حڪمت عملي جي حوالي سان ميٽنگ آهي اسان جو وفد به ان ۾ شامل آهي جيڪو فيصلو ٿيندو ان تي عمل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.