ڀارت خلاف عالمي عدالت وڃڻ جو پروگرام هو جيڪو ڪئنسل ڪيو ويو: اٽارني جنرل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو آهي ته پهريان سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ وارو معاملو بحث هيٺ رهيو هاڻي ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، سڀني جو ڌيان ان پاسي آهي ۽ اڄ عالمي عدالت انصاف وڃڻ جو پروگرام هو جيڪو ڪئنسل ڪيو ويو.
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيسن ۾ اٽارني جنرل عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته ملٽري ٽرائل کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي اپيل جو حق ڏيڻ هڪ پاليسي معاملو آهي، جنهن تي هدايتون وٺڻ کانپو ئي عدالت آڏو پنهنجون گذارشون پيش ڪري سگهان ٿو.
ان تي آئيني بينچ جي ميمبر جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ کي جيڪو ڪرڻو آهي، اهو انهن جو پاليسي معاملو آهي، جڏهن ته عدالت کي رڳو موجوده ڪيس جي حد تائين معاملو ڏسڻو آهي.
جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته دليل ڏيڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هو 45 منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪري وٺندو.
ان کانپوءِ ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.