سپريم ڪورٽ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڪيس مئنيجمينٽ جي عالمي سطح تي به واکاڻ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) چيف جسٽس يحييٰ آفريدي چين ۽ ترڪي جو هڪ هفتي جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ هڪ پڌرائي جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ڪيس مئنيجمينٽ جي قدمن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو، تفصيل  موجب سپريم ڪورٽ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي چين ۽ ترڪي جي هفتيوار دوري جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ هڪ پاڪستاني وفد شنگھائي تعاون تنظيم جي چيف جسٽسز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي،اعلان ۾ چيو ويو آهي ته ڪانفرنس ۾ سائبر سيڪيورٽي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻارن جي حقن تي عدالتي تعاون تي بحث ڪيو ويو، چيف جسٽس ٽيڪنالاجي ذريعي عدالتي نظام ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو، چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ايران ۽ ترڪي جي چيف جسٽسز سان الڳ الڳ ملاقاتون به ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.