عوامي تحريڪ طرفان مويا ۾ ريلي، پ پ ضيائي جبر استعمال نه ڪري:وسند ٿري

ٽنڊومحمد خان(ڊ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان مويا ۾ ريلي ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آه، ڪارپوريٽ فارمنگ  ختم ڪريو، ايس آئي ايف سي ختم ڪريو جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، هرچند لال، هاشم لغاري، ڊاڪٽر مشتاق شورو، انور رند، فاضل کوسو، اياز صالح پليجو، دلدار نوحاڻي، دانش ڪمار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ارسا جعلي انگن اکرن جي بنياد تي چولستان ڪئنال لاءَ پاڻي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري، ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪرائڻ جي سازش ڪئي آهي، جعلي سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ ارسا جي ميمبرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سي سي آئي واري ڊرامي کي سنڌي قوم ناڪام بڻائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي پرامن جمهوري جدوجهد جاري آهي، پيپلز پارٽي جا سمورا مڪر سنڌي قوم اڳيان ظاهر ٿي پيا آهن، پيپلز پارٽي مڪر ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ضيائي جبر آزمائڻ جي سازش ڪري رهي آهي پر اسين کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا سنڌي قوم ارغونن، ترخانن، انگريزن سان مقابلا ڪيا، ضياء، ايوب ۽ مشرف جي مارشل لائن کي ڀورا ڀور ڪيو، پيپلز پارٽي جي مڪر توڙي جبر کي شڪست ڏيندي. ڪنڌ ڪوٽ جي پرامن ڌرڻي تي پوليس تشدد سنڌ کي خانا جنگي ۾ ڌڪڻ جي سازش آهي، پيپلز پارٽي ضيائي جبر استعمال ڪرڻ بند ڪري، ڌرڻي تي تشدد جو حڪم ڏيندڙ پوليس آفيسرن کي فوري طور معطل ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.