پهلگام واقعو اسان جي ڪاميابين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد( بيورو+م ڊ)اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي، دهشتگردي خلاف پاڪستان جو ڪردار تمام واضح آهي، پهلگام واقعو اسان جي ڪاميابين تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي، جعفر ايڪسپريس سانحو دنيا جي وڏن واقعن مان هڪ آهي، پاڙيسري ملڪ هڪ ڀيرو به واقعي جي مذمت نه ڪئي آهي، اسلام آباد ۾ پهلگام واقعي تي پرڏيهي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو ته اسان کي پهريان اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، هن چيو ته اسان ڀارتي نيوي آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو، جيڪو دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هو، جنهن جا اسان وٽ مضبوط ثبوت آهن، هن چيو ته ڀارت بنا ثبوتن جي پهلگام واقعي کي پاڪستان سان گنڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اهو ئي سبب آهي جو اسان شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، اسان جا هٿ صاف آهن، ان ڪري اسان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

  • ايران جي شهر بندر عباس پورٽ تي ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 25 ٿي ويو

تهران ( م ڊ) ايران جي شهر بندر عباس جي بندرگاهه تي ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 25 ٿي ويو آهي، ايراني ميڊيا موجب ڌماڪو بندر عباس ۾ شاهد رجائي پورٽ تي واقع هڪ انتظامي عمارت ۾ ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 800 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته 25 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن،  ڌماڪي کان پوءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

  • اسرائيلي فوج جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد

غزا(م ڊ) اسرائيلي فوج غزا تي پنهنجي وحشياڻي بمباري جاري رکي، جنهن ۾ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا موجب  انساني امداد واري اداري جو چوڻ آهي ته صيهوني فوج جي ناڪا بندي جي ڪري غزا مڪمل تباهي جي ويجهو آهي، ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو چوڻ آهي ته اها قاهرا ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ جنگ بندي، قيدين جي تبديلي ۽ نئين سر تعمير تي پنهنجا خيال پيش ڪندي،ان دوران اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم اعتراف ڪيو ته اسرائيلي فوج افرادي قوت جي کوٽ جو شڪار آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهن اسرائيلي راڄڌاڻي تل ابيب ۾ يرغمالين جي آزادي ۽ جنگ بندي لاءِ مظاهرو ڪيو ۽ نيتن ياهو خلاف نعرا پڻ هنيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.