اسلام آباد(قربان بلوچ) سنڌ ۾ پ پ لاءِ هڪ ٻئي شڪست پڪي ٿي وئي آهي ۽ اتي خلق خدا جو آواز ۽ پڪار وڌيڪ سگهاري ٿي وئي آهي. صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي ۽ حڪمران ڌر ، ان جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن نه رڳو ڪمزور ٿي ويا آهن پر پنهنجي پارٽي ۽ پارٽي چيئرمين جو دفاع ڪرڻ کان به پاسو پيا ڪن. حيرت آهي ته پاڻ کي عوامي پارٽي سڏيندڙ عقل کان ڪم وٺڻ کان عاري آهن. بلاول ڀٽو زرداري مان سنڌ ۽ ملڪ جي عوام کي اميدون هيون پر ڪوئي ان کي ناڪامي ڏانهن ڌڪي رهيوآهي.سنڌ واري تحريڪ صرف ڪينالن خلاف ناهي پر اها پ پ جي طرز حڪمراني خلاف به رد عمل آهي. گذريل رات کان سنڌ جي مختلف هنڌن تي لڳل ڌرڻن خلاف پوليس متحرڪ نظر اچڻ لڳي آهي.لاڙڪاڻي، جيڪب آباد سميت ٻين هنڌن تي پوليس پاران ڪارروائي ڪندي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪيو ويو ملير ۾ به اهڙي صورتحال ٿي .پوري سنڌ ان بعد متحرڪ ٿي وئي ۽ ماڻهن چيو اسان پر امن هياسي ۽ رهنداسين پر ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهجو.اڄ پوري سنڌ ۾ پوليس ڪاررواين خلاف پر امن احتجاج جو سڏ ڏنو ويوآهي.وڪيلن پاران اجلاس ڪيو ويوآهي.پر سوال آهي ته ايڏي پراڻي جماعت ۽ ان جي تجربي ڪار قيادت ان مسئلي کي حل ڇو نه پئي ڪري سگهي؟ يا واقعي اها ان کي سلجهائڻ ئي نه ٿي گهري.پ پ 17 ورهين کان مسلسل سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ ان کان اڳ ۾ به رهندي آئي آهي ته قيادت کي سوچڻو پوندو ته آخر ڇا ٿيو جو ماڻهو ان خلاف روڊن تي آهن.هي احتجاج پ پ جي اقربا پروري، ادارن جي تباهي ۽ ڪرپشن جي خلاف آهي.گذريل 15 ورهين کان ارسا ۾ وفاق جو جيڪو ميمبر سنڌ مان مقرر ٿيڻو هيو اهو به نه ڪيو ويو ، ايتري قدر جو 2022 ۾ پ پ پاران پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ کي ميمبربڻايو ويو.اهي شيون لڪڻ جهڙيون ناهن.