گڊز ٽرانسپورٽرن پاران اڄ وڏي وزير۽ گورنر هائوس آڏو احتجاج جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) خيرپور ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تڪراري واهن خلاف 10 ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي، ان حوالي سان، گڊز ٽرانسپورٽرن اڄ وزير اعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي سامهون احتجاج جو اعلان ڪيو، ملڪ شهزاد اعواڻ جي اڳواڻي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز تنظيمن جو هڪ اهم اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ وزير اعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي سامهون احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن جي ڪروڙين ۽ اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي،جڏهن ته حڪومت ڪو به اهم قدم نه کڻي رهي آهي، هن چيو ته ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران اڄ 3 وڳي نيو ٽرڪ اسٽينڊ کان وزير اعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس تائين ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.