صنعان قريشي جسقم ڪارڪنن کي ٻه مئي تائين رستن جي بندش کان روڪي ڇڏيو

ملير(ڊر+ پ ر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي  جسقم ڪارڪنن کي ٻه مئي تائين رستن جي بندش کان روڪي ڇڏيو آهي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ديدار شام ،نظام جوکيو سان گڏ ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياھ زندگي ۽ موت مسئلو آهي، درياءُ مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، وفاق جيڪڏهن 2 مئي تائين ڪينالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ته 2 مئي تي سڄي سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين، هن پريس ڪانفرنس ۾ احتجاجن ۾ ڦاٿل جانورن لاءِ گاھ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيو ته جانورن جي گاڏين کي رستو ڏنو وڃي، معصوم ٻارن، نياڻين ۽ خاص ڪري بيمارن جو خاص خيال رکيو وڃي. پريس ڪانفرنس کان پوءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان سنڌ جي حڪمران ڌر جي نمائندن حاجي علي حسن زرداري، سينئر  وزير شرجيل  ميمڻ رابطو ڪيو. سنڌ سرڪار جي نمائندن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي 2 مئي تي ڪينالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن  هٿ ۾ ڏيڻ جو چئي ڇڏيو، جنهن تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته 2 مئي تي جيڪڏهن ڪينال رد جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سڄي سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته جسقم ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي چوندس ته 2 مئي تائين انتظار ڪيو وڃي، جسقم ڪارڪن پرامن رهن ۽ ايندڙ فيصلي تائين ڪنهن جي به رستا روڪ نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪينالن واري جدوجهد کي وڌ کان وڌ پرامن رکيو وڃي، پرامن سياسي جدوجهد ذريعي ئي اسان ڪينالن کي رد ڪرائيداسين.  ان کان اڳ هڪ بيان ۾  صنعان خان قريشي چيو آهي ته وڪيلن جا ڌرڻا ڪينالن ۽ ڪارپوريت فارمنگ خلاف آهن، سنڌو درياھ  ۽ سنڌ جي زمينن خاطر هر مڪتب فڪر جو ماڻهو وڪيلن سان گڏ آهي، تنهن ڪري ملير گلشن حديد وٺ وڪيلن جي ڪيئمپ تي پوليس جي چڙهائي ۽ وڪيلن تي تشدد جي مذمت ڪجي ٿي، سرڪار سنڌين جي پرامن احتجاج کي پُر تشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر هر صورت پرامن رهڻو آهي, ڪنهن به صورت ۾ تشدد جو رستو اختيار ناهي ڪرڻو، هن چيو آهي ته درياھ جي جنگ وجود جي جنگ آهي، اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر پنهنجي درياھ مٿان ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين، وقت جا حڪمران هوش کان ڪم وٺڻ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.