لنڊن ۾ شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت جا شيشا ڀڃي ڇڏيا

لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عمارت جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. هنن عمارت تي ڳاڙهو رنگ به هاريو، پاڪستاني هاءِ ڪميشن عملدارن ميٽروپوليٽن پوليس کي آگاهه ڪيو. پوليس شرپسندن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي. ياد رهي ته جمعي تي ڀارتي شرپسندن پاڪستاني هاءِ ڪميشن سامهون احتجاج ڪيو هو، پوليس 2 ڀارتي شهرين کي گرفتار پڻ ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.