ٽنڊي محمد خان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان مان پوليس جا وڏا اٽالا خيرپور ضلعي جي ٻٻرلو ڌرڻي ۾ موڪلڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون. ٽنڊو محمد خان جي ايس ايس پي آفيس ڀرسان ضلعي جي مختلف ٿاڻن کان وڏي تعداد ۾ نفري طلب ڪئي وئي جڏهن ته پوليس نفري کي ڪنهن به وقت ٻٻرلو روانو ڪرڻ لاءِ حڪم ڏئي سگهجي ٿو. چوٻول آهن ته اها نفري ڪنهن به وقت خيرپور ضلعي جي ٻٻرلو ۾ لڳايل ڌرڻي ڏانهن موڪلي ويندي.