ڌرڻن مٿان فائرنگ ۽ تشدد پ پ حڪومت جي وائڙائپ آهي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي/ ٻٻرلوءَ ( پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ملير، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ سميت سموري سنڌ ۾ ڪئنالن  خلاف وڪيلن جي ڌرڻن مٿان پوليس جي فائرنگ، ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد جي سخت مذمت ڪندي ان کي پ پ حڪومت جي وائڙائپ قرار ڏيندي چيو آهي ته پوليس هٿان وڪيلن جي ڌرڻن مٿان تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه مان اها ڳالهه پٽ پڌري آهي ته پ پ سنڌوءُ تي ڪئنال ٺاهيندڙن سان ٻُٽ ۽ سهولتڪار بڻيل آهي. پ پ جو ٻٽو ۽ منافقاڻو ڪردار هاڻي سنڌ جي عوام آڏو نروار ٿي چڪو آهي، قباءَ آڊيٽوريم ۾ سنڌ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌوءُ جو ساهه آهي سنڌ جو عوام ڪوبه ڊئم ۽ ڪئنال قبول ڪونه ڪندو. جماعت اسلامي وڪيل برادري سان گڏ آهي. هن گهر ڪئي ته عدالت وڪيلن جي پُرامن احتجاج تي پوليس گردي جو نوٽيس وٺي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.