سنڌ ۾ جاري تحريڪ خلاف طاقت جو استعمال ڪنھن وڏي بحران کي جنم ڏئي سگھي ٿو.سنڌ حڪومت ڪينالن خلاف آھي تھ پوءِ سنڌ دشمن رٿا خلاف جاري ڌرڻن ۽ تحريڪ کي طاقت جي ذريعي چٿي غيرسياسي ۽ غيرجمھوري مثال ڇو ٿي قائم ڪرڻ چاھي ؟دنيا ۾ ڪجهه به ممڪن آھي.ڪجهه مھينا اڳ ماڻھو ڪنھن ٻئي رخ ۾ سوچي رھيا ھئا اڄ مختلف انداز ۾ سوچي رھيا آھن.سوچ جو آئينو ان جو عمل آھي، سنڌ اڄ ھڪ منظم تحريڪ جو نالو آھي.سنڌ سراپا احتجاج جو نالو آھي.
ٻٻرلوءِ باءِ پاس جي ھنڌ ڏھن ڏينھن کان جاري ڌرڻي کي سنڌ جي تاريخ ۾ اھم جاءِ ملي وئي آھي.ھٿين خالي، امن امان برقرار رکي، ھزارين ماڻھن جي مھماني ڪندڙ ھي تحريڪ سنڌ جو نئون تعارف ڪرائي رھي آھي، نئون روح ڦوڪي رھي آھي. اتساھ سان گڏ، سنڌ جي نٻل سنڌي ماڻھو کي ھڪ اھڙي سڳي ۾ پوئي ڇڏيو آھي، جو سنڌ سموري ٻٻرلوءَ جي ڌرڻي سان گڏ ساھ کڻي رھي آھي.سنڌ جي گھرو وزير 26 اپريل تي وڪيلن کي ڌرڻا ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ان سان گڏ ھن وڪيلن خلاف طاقت جو استعمال نھ ڪرڻ جو بھ اعلان ڪيو. پر بيان جي ابتڙ 26 ۽ 27 اپريل جي وچ واري رات سنڌ جي مختلف شاھراھن تي لڳل ڌرڻن تي رات جي اونداھي ۾ ڪاھ ڪئي وئي.رات جو لڳ ڀڳ 4 کان 5 ڌاري ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مرڪزي ڌرڻي کي ڪڙو چاڙھيو ويو. ان وقت سجاڳ وڪيلن پوليس جي چرپر جون وڊيوز ڀري ورتيون. جيڪي صبح جو وائرل ٿي ويون. جنھن تي سنڌ مان ھزارين ماڻھو ڌرڻي ۾ پھچي سرڪاري ڪارروائي جو جواب ڏنو.
ان ئي ڪريڪ ڊائون جي تسلسل ۾ پوليس ملير ۾ سپر ھاءِ وي ۽ نيشنل ھاءِ وي کي ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ واري ۽ صالح پٽ وارن ڌرڻن جي ڪئمپن کي پٽي ڇڏيو ۽ ڪنڌڪوٽ، فيض گنج ۽ نئون ديرو ۾ لڳل ڌرڻن تي ڪارروايون ڪيون. ٻٻرلو، مورو ۽ ٻين ڪئمپن کي ڪڙو چاڙھيو.رات دير سان گولا موڙ ڪئمپ ڪنڌڪوٽ تي پوليس فائرنگ ڪئي.
ملير ۾ لنڪ روڊ وٽ ڌرڻي تي پوليس ڪارروائي وقت ھڪ وڪيل کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ڌرڻي ۾ موجود وڪيلن ۽ ڪارڪنن کي پوليس سٽي ڪٽي اڌ مئو ڪيو ۽ انھن جا مٿا ڦاڙھي ڇڏيا ۽ ھڪ درجن کن وڪيلن کي غيرقانوني طور تحويل ۾ رکي ۽ انھن کي گم ڪري ڇڏيو.موٽ ۾ وڪيل اڳواڻ بن قاسم ٿاڻي تي پھچي انھن جي مالڪي ڪئي.جنھن بعد ساڳي ھنڌ تي ڌرڻو ھنيو ويو، پوليس ٻيھر ڪارروائي ڪئي، اھڙي ريت سڄو ڏينھن وڪيلن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن ۾ چڪريون جاري رھيون.لڳ ڀڳ سنڌ جي انھن ھنڌن تي اھڙي ئي صورتحال رھي آھي جتي ڌرڻا لڳل آھن.
پوليس معرفت حڪومت جي اھڙي ٽريلر جو سڄي سنڌ ۾ شديد ردعمل سامھون آيو آھي.وڪيلن جي مرحليوار جدوجھد ۾ 17 اپريل تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي جي شروعات جي ٽئين ڏينھن 20 اپريل تي بھ مرڪزي ڌرڻي تي صبح جي وقت وڪيلن کي ھيسائڻ، ان وقت ڌرڻي جي تحفظ واري پوليس جي موجودگيءَ ۾ فائرنگ ڪئي وئي ھئي.جنھن جي ردعمل ۾ پڻ ان ڏينھن سنڌ جا ماڻھو وڏي انگ ۾ ڌرڻي ۾پھتا ھئا.
سنڌ جي حڪمرانن کي ان مان ئي سبق سکڻ گھرجي ھا پر ائين نھ ڪندي گذريل رات واري وڏي ڪارروائي ڪئي وئي آھي.جنھن جو ھن وقت ھٿين خالي سنڌي ماڻھو جواب ڏئي رھيا آھن.سماج جي نبض تي ھٿ رکندڙ ماھر سمجھن ٿا تھ ھن وقت سنڌ جو موڊ بدليل آھي.سنڌ ۾ جاري تحريڪ سنڌي ماڻھن مان ڪنھن بھ رياستي ڏاڍ جي خوف کي ختم ڪري ڇڏيو آھي.اھا حيرت جوڳي ڳالھھ آھي تھ حڪومت ۾ ويٺل اڪابر ھن ھيڏي ساري ُپرامن تحريڪ کي تشدد سان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،اصل ۾ اھو رويو تحريڪ کي تشدد طرف ڌڪڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش آھي.پر سنڌ جا ماڻھو تاحال ُپرامن آھن. ھن وقت سنڌ جا ماڻھو سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي تڪرار ڪينالن بابت اڻ چٽي موقف تي گھڻو ڪاوڙيل آھي.جنھن جو اندازو ڪرڻ مشڪل نھ آھي.اھڙي ماحول ۾ ڪا ننڍڙي اٻھرائي بھ سموري سنڌ ۾ ڀڀڙ ڀڙڪائي سگھي ٿي.جنھن ڪري ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ حڪومت کي اھڙي ڪنھن بھ ڪارروائي کان پاسو ڪرڻ گھرجي، جنھن ۾ سڀني جي بھتري آھي.
سڄي دنيا جي لاءِ ھي سنڌ جي ماڻھن جي تحريڪ جنھن ۾ سڄي سنڌ ھڪ ئي وقت متحرڪ ۽ فعال آھي. ڏھن ڏينھن دوران ھزارين سامان سان ڀريل گاڏيون بيٺيون آھن. جنھن جي ڊرائيورن توڙي سنڀاليندڙن کي سنڌ جا عام ماڻھو کارائي پياري رھيا آھن.سنڌ جي اھڙي ُپرامن جدوجھد کي ڪي عقل کان عاري اسٽيبلشمينٽ جا ماڻھو ُپرتشدد بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رھيا آھن.گذريل ڏينھن جڏھن سنڌ جي مشھور ليکڪ نورالھديٰ شاھ ڌرڻي ۾ پھتي تھ ميڊيا سان ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ ” ھتي گھڻو ڪجهه حيران ڪندڙ آھي. مھمان نوازي ۾ تھ اسان سدائين مشھور رھيا آھيون،پر مون لاءِ اھم ھي آھي تھ ھي ھزارين گاڏيون بيٺل آھن ۽ انھن ۾ پيل سمورو مال سلامت آھي اھو وڏو مثال آھي“
سنڌ سرڪار ۽ دنيا لاءِ اھو چٽو ڪريون ٿا تھ تڪراري ڪينالن خلاف جاري ھي ڌرڻا ۽ تحريڪ نھ رڳو ُپرامن، ايمانداري ۽ مھمان نوازي جو مثال آھي پر اھڙو ڪو مثال ملڻ ڏکيو آھي.ان کي ڪنھن بھ ريت تشدد واري پاسي نھ ڌڪيو وڃي،جنھن سان ايندڙ طوفان ۾ ڪک پن تي لڙھي ويندا پر وڏا برج بھ ڊھي پوندا.
اھو درست آھي تھ سنڌ جي ماڻھن ھن وقت جي سنڌ حڪومت کي مينڊيٽ ڏنو آھي.ان کي مان ڏيندي تھ سنڌ جي سرڪار کي اھو ڪيس دليلن ۽ ثبوتن سان پنجاب ۽ وفاق سان وڙھڻ گھرجي تھ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جي رٿا نھ رڳو سنڌ پر پنجاب ۽ وفاق جي خلاف آھي. سرڪار اھو ڪيس وڙھڻ بدران سنڌ ۾ ان ڪيس کي سگھارو ڪندڙ سياسي، سماجي ۽ وڪيلن جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ ۽ ان کي لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.ان ڪري ھوش کان ڪم ورتو وڃي. تحريڪ تي ڪو وار ڪنھن وڏي طوفان کي دعوت ڏيڻ برابر ھوندو.