”بينظير ڀٽو ڪالا باغ ڊيم ۽ بلاول تڪراري ڪينال منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪالا باغ منصوبي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو دفن ڪيو ۽ ڪينال منصوبي کي بلاول ڀٽو زرداري دفن ڪرائي ڇڏيو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير جي خاص مددگار وقار مهدي ۽ ٻين آچر ڏينهن ڪورنگي ۾ ن ليگ سنڌ جي سينيئر نائب صدر راڻا احسان، راڻا طارق، راڻا علي، اسد الله، رضوان شفيق سميت ٻين جي پ پ ۾ شموليت جي حوالي سان تقريب ۾ ڪيو.
پ پ اڳواڻن چيو ته ٻين پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شموليت سان پ پ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، اسان جو مقصد بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ آهي.
هنن چيو ته اهو چوڻ پ پ ڪينال منصوبي جي منظوري ڏني تاريخ جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي، پ پ هر فورم تي ان منصوبي جي مخالفت ڪئي آهي.
سندن چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ڪالا ڊيم دفن ڪيو هو، اڄ بلاول تڪراري ڪينال منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو، ان معاملي تي سياست ڪندڙن کي گهرجي ته اهي سياست بدران روڊ کولين ۽ عوام کي وڌيڪ تڪليف نه ڏين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.