پهلگام حملي جو تجزيو ۽ ان جا اسٽريٽجڪ اثر

تحرير: عظميٰ هرليني

ڪجهه هفتن کان پهلگام حملي کان پوءِ هندستان ۽ پاڪستان جا لاڳاپا هڪ ڀيرو ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آھن. ڪيترن ئي تجزيه نگارن ۽ مبصرن هندستان ۾ ٿيندڙ واقعي کي هڪ خود ساخته فالس حملو قرار ڏنو آهي. هي واقعو ماضي جي واقعن سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي جن جي بنياد تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي ويندي رھي آهي. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي جيو پوليٽيڪل پيچيدگي کي ظاهر ڪيو آهي پر اهڙن من گھڙت واقعن جي پويان محرڪن بابت اهم سوال پڻ اٿاريا آهن.

پهلگام حملي جا اسٽريٽجڪ مقصد گھڻ پھلو  آهن، پر ان جو بنيادي مقصد هندستان جي موجوده بي جي پي حڪومت جي گهٽجندڙ مقبوليت کي برقرار رکڻ لڳي ٿو.معاشي مسئلن ۽ اندروني تڪرارن جي حوالي سان ھندستان جي مختلف طبقن کان دٻاءُ وڌڻ سان، بي جي پي هڪ ٻاهرين دشمن جي بيانئي کي ٻيهر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. قوم پرست جذبات کي ڀڙڪائي، مودي حڪومت عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ هندستان ۾ جاري اندروني بحران تان ڌيان هٽائڻ چاهي ٿي.

هن واقعي جو هڪ ٻيو اهم پهلو ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي بين الاقوامي تنقيد آهي، خاص طور تي والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي ڳڻتي، ھندستان جي خوفناڪ چهري کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ڪشميري عوام جي بري حالت عالمي برادري جو ڌيان ڇڪايو آهي، پر پهلگام واقعو انهن انساني حقن جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ  جي ھڪ ڪڙي آهي. ھندستان پاڪستان کي اهڙن ڪوڙن ۽ بي بنياد حملن ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳائي عالمي ڌيان کي منتشر ڪري ۽ عومي راءِ ۾ پنهنجي بالادستي بحال ڪرڻ چاهي ٿو.

هن ڪوڙي منصوبي  جا مقصد ٽرمپ انتظاميا کان واپاري ٽيرف جي حوالي سان رعايتون حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ شامل آهن.جيوپولٽيڪل حالتون گذريل ڪجهه سالن کان خاص طور تي نمايان طور تي تبديل ٿيون آهن، ۽ پاڪستان کي منفي طور تي پيش ڪرڻ وارو ڪو بھ منفي واقعو، هندستان کي آمريڪي پاليسي جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. تاريخي طور تي، هندستان هميشه ڪوشش ڪئي آھي تھ پاڻ کي علائقائي، جاگرافيائي ۽ سياسي ميدان ۾ هڪ اهم ملڪ طور پيش ڪري سامھون آڻي.جيڪا ان کي واپاري ميدان ۾ فائديمند نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. سنڌو طاس ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جي دريائن جي وهڪري کي روڪي، هندستان پاڪستان کي معاشي طور تي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ خوفناڪ سازش ڪئي آهي.

ان موقعي تي، پاڪستاني هٿياربند فوج، خاص طور تي پاڪستان ايئر فورس جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، جنهن هميشه قوم جي آواز تي لبيڪ چيو آهي. پاڪستان ايئر فورس جي بهادر شاھين هر قيمت تي پاڪستان جي حفاظت جو عزم ڪيو آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي قرباني ۽ بهادري جي گهري روايت اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ روشني جو مينار آهي. پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل تياري ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي.جنھن جو مظاھرو  اسان جي بهادر جوانن 1965 ۽ 1971 جي جنگين ۾ ڪيو ھو ۽ پوءِ فيبروري 2019 ۾ جڏهن هندستان لائين آف ڪنٽرول تي هڪ طرفي جارحاڻي فوجي ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي ته پنهنجي عزم جي تجديد ڪئي. انهيءَ بي بنياد جارحيت جي جواب ۾، پاڪستان ايئر فورس، شاندار پيشيوراڻي صلاحيت ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي، دشمن کي صحيح طور تي نشانو بڻايو، هندستاني ايئر فورس جي جنگي جهازن کي ڪيرايو، ۽ قومي خودمختياري جو مؤثر طريقي سان تحفظ ڪيو. ان مقابلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي هوائي فوج جي جارحيت جو سخت جواب ڏيڻ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو. فيبروري 2019 ۾ پاڪستان ايئر فورس پاران ڏنل جواب اڄ به اسان جي دشمن لاءِ هڪ چٽو پيغام آهي.

تازي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾، پاڪستان هوائي فوج هميشه تيار آهي ۽ ان جا شاھين جديد تربيت ۽ آپريشنل حڪمت عملين کان مڪمل طور تي واقف آهن. پاڪستان ايئر فورس جي جانبازن  جي دل ۽ دماغ ۾ رڳو هڪ ڳالهه نقش ٿيل آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ته پاڪستان ايئر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾ هوندي ۽ انتھائي مھارت سان مادر وطن جي حفاظت ڪندي.

پاڪستان ايئر فورس جي مضبوط پوزيشن جو ثبوت ھن تازي فوجي سامان جي حصول ۽ مقامي پيداواري صنعت جي ڪوششن ۾ نظر اچي ٿو.موجوده قيادت  جي زيرسايھ ۾، پاڪستان ايئر فورس کي جديد بڻائڻ جي طرف ذڪر جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي ۽ مقامي پيداواري صلاحيت ۾ واڌرو شامل آهن. جي ايف 17 ٿنڊر پروگرام جهڙن منصوبن، سائبر، خلائي، ڊرون ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ اڳڀرائي   پاڪستان جي هوائي دفاعي صلاحيتن کي نمايان طور تي وڌايو آهي، جنهن آپريشنل ڊومين ۾ پنهنجي مخالف تي پاڪ فضائيھ کي پنھنجي مخالف تي وڏي سبقت  فراھم ڪئي آھي.پاڪستان ايئر فورس جي آپريشنل صلاحيت جو بيانيو صرف فوجي تيارين تي ٻڌل ناهي، پر ان کي ٺوس  ڪاميابين  جي حمايت حاصل آهي، جيڪو ان جي اهلڪارن جي اعليٰ صلاحيتن ۽ ان جي قيادت جي دور انديشي جو ثبوت آهن. اسان جي فوجي قيادت ۽ سپاهي پڪو پهه ڪري چڪا آهن ته دشمن جي ڪنهن به لاپرواهي واري جارحيت جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو. پيغام واضح آهي: پاڪستان نه رڳو پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.

هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پھلگام حملي کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. هي بي بنياد حملو اسٽريٽجڪ مقصدن ۽ تاريخي تناظر جي هڪ پيچيده باب کي اجاگر  ڪري ٿو. جيتوڻيڪ  ھندستان  هن واقعي کي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر عالمي برادري کي اهڙن ڪاررواين جي نتيجن کان آگاهه ۽ هوشيار رهڻ گهرجي، خاص طور تي خطي ۾ انساني حقن جي تحفظ جي باري ۾ڀرپور ذميداري نڀائڻ گھرجي. پاڪستاني هٿياربند فوج پنهنجي حب الوطني ۽ بي مثال پيشيوراڻي صلاحيت سان مضبوط بيٺي آهي ۽ ڪنهن به جارحيت خلاف ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.ھي ڳالهھ نھايت اھم آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکي. اسان جي بهادر شاهين جي صلاحيتن ۽ قربانين پاڪستان لاءِ هڪ مضبوط دفاعي پوزيشن جو رستو هموار ڪيو آهي،جيڪا ان ڳالھھ کي يقيني بڻائي ٿي تھ پاڪستان هر قسم جي جارحيت کان ھميشھ محفوظ رهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.