ملير ۾ سنڌو درياءَ مٿان تڪراري ڇھن ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف لڳل ڌرڻي تي سنڌ پوليس ڪڙڪي پئي، لڳل احتجاجي ڪئمپ پٽي اڇلائي وئي. وڪيلن، قومي ڪارڪنن ۽ پرامن احتجاج ڪندڙ عام ماڻهن مٿان سخت تشدد ڪيو ويو، جنھن ۾ ايڊووڪيٽ ذيشان اجمل آرائين سخت زخمي ٿيو جڏھن تھ ذيشان سميت اٽڪل ڏهه کن ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل ھنڌ تي منتقل ڪيو، جڏھن تھ ذيشان طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب ان کي اسپتال نيو ويو. ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي جي اڳواڻي ۾ ملير لنڪ روڊ ڌرڻي تي سوين پوليس جي گاڏين ۾ سوار پوليس اهلڪارن پرامن ڌرڻي تي فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ .
ھڪ وقت اھو پڻ ڏسڻ ۾ آيو ته جڏھن ڪئنالن خلاف ڌرڻي ۾ ويٺل ھزارين سنڌين پوليس کي پٺتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو، پوليس گردي خلاف ملير بار جي صدر ارشاد شر ۽ جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو سميت سندس ٽيم اسٽيل ٽائون پھتي جتي پوليس سندن فرياد وٺڻ لاءِ جواب ڏنو جنھن تي وڪيل اڳواڻ ارشاد شر چيو تھ پوليس جي ڏاڍ مڙسي ۽ فائرنگ جو ڪيس نھ وٺڻ پاڪستان جي آئين جي خلاف ورزي آھي پوليس جي اھڙي ظلم، زيادتي ۽ ڏاڍائي خلاف اسان عدالت جو در کڙڪائينداسين، ھنن چيو تھ ملير پوليس آچر ڏينھن صبح جو ملير ڌرڻي تي ھلان ڪري وڪيل ۽ قومي ڪارڪن زخمي ڪيا آھن پوليس جي اھڙي عمل خلاف اسان لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سڄي سنڌ اڄ سنڌ پوليس ۽ رياستي تشدد خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي اسان جو آئيني ۽ جمهوري حق آھي تھ اسين پرامن احتجاج ڪيون.هي احتجاج سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف آھي جيستائين تڪراري ڪئنالن جي رد ٿيڻ جو وفاق پاران نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيستائين اسان پنهنجو پرامن احتجاج جاري رکنداسين.
جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو ته سنڌ پوليس پنھنجي آقائن جي اشاري تي ملير جي پرامن ڌرڻي تي تشدد ڪرڻ تي لھي آئي آھي پر انھن کي ياد ڪرڻ کپي تھ قومي ڪارڪن سنڌو مٿان تڪراري ڇھن ڪئنالن جي خاتمي تائين رستن تان نھ اُٿندا ۽ اهي پرامن احتجاج جاري رکندا، ملير بچايو اتحاد ۽ ڌرتي ڌڻي الائنس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ چيو تھ ملير ڌرڻي تي پوليس جي چڙهائي ۽ تشدد ثابت ڪري ڇڏيو تھ ھو سنڌ ۾ ھڪ نئين جنگ ڇيڙي سنڌي ماڻھن کي ھيسائڻ چاھين ٿا، پر اسان پنھنجي پاڻي تي ڌاڙو برداشت نه ڪنداسين، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو چيو تھ رياست اڳيان سنڌي ماڻھو ديوار بڻيل آھن ۽ سنڌ جي تڪراري ڇھن ڪئنالن جي خاتمي تائين پرامن جدوجھد جاري رکندا، ڌرڻي تي پوليس جي تشدد ثابت ڪيو آھي تھ پاڻي تي ڌاڙو هڻندڙ قوتون سنڌ جي ماڻھن کان خوفزدھ آھن، ھن چيو تھ اسان جو پرامن احتجاج سنڌو خاطر آھي ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنھنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ اڄ ميدان عمل ۾آھي.
ملير ڌرڻي تي پوليس چڙهائي کائپوءِ جيئن ئي خبر پئي تھ ملير جي ڪنڊڪڙڇ مان ڌرتي ڌڻي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي پنھنجي پرامن جدوجھد جاري رکڻ لاءِ ڌرڻو هڻي ويٺا ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا رھيا.ڌرڻي ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنھن ۾ جسقم، ايس ٽي پي، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جمھوري پارٽي ۽ سول سوسائٽي وڏي انگ شامل آهي. ھوڏانھن ڌرڻي سبب ٺٽو، ڪراچي ۽ پورٽ قاسم ذريعي آمد رفت مڪمل طور تي بند رھي.