جماعت اسلامي جي سڏ تي سنڌ سميت ملڪ ۾ هڙتال، ٽريفڪ غائب

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي اسرائيلي دھشتگردي خلاف ،غزا جي مظلوم مسلمانن سان ايڪي ۽ اتحاد لاءِ اعلانيل ھڙتال جي سڏ تي اڄ  ڪراچي کان ڪشمور تائين هڙتال ڪئي وئي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص نواب شاهه، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد،شڪارپور،ٺٽو، بدين ،جھڏو ،ڪلوئي، ماتلي ، ڪنڌڪوٽ مٽياري، ٽنڊو آدم، ڪنري، ڇاڇرو، عمرڪوٽ، ھالا، محرابپور، ڪوٽڙي، جھمپير، ڊگھڙي، سکر، گھوٽڪي، شھدادڪوٽ، ٺل، شھداپور،کوسڪي،تلهار،عمرڪوٽ، خيرپور،۾ شٽربند ھڙتال ، ڪاروباري مرڪز بند ۽ ٽريفڪ معمول کان گھٽ رھي. جماعت اسلامي جي اڳواڻن جي قيادت ۾ يڪجھتي غزا ريليون ڪڍي غزا جي مظلوم مسلمانن سان ايڪتا جو اظھار ڪيو ويو. جناح باغ چوڪ لاڙڪاڻي ۾ ريلي ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪندي چيو ته اڄ اهل غزه سان يڪجهتي طور سڄي سنڌ ۾ شٽر بند هڙتال آهي،هن وقت سڄو غزه تباهه ٿي چڪو آهي، 70 هزار کان وڌيڪ ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ٿي چڪا آهن،غزه جي چوڌاري اسرائيلي فوج جو گهيرو آهي نه ڪو خيمو، نه پاڻي، نه خوراڪ آهي پر عالمي دنيا خاموش تماشو بڻيل آهي،هن چيوته وزيراعظم پاران ڪئنالن جي معاملي تي بلاول ڀٽو زرداري سان ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس ٽوپي ڊرامو آهي. پ پ پ شروع کان وٺي ڪئنالن جي معاملي تي وفاقي حڪومت جي ساٿاري رهي آهي، جيستائين تڪراري ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ٿئي، تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.ٽنڊوالھيار ۾ جماعت اسلامي ۽ واپارين جي تنظيم تاجر اتحاد سميت ٻين مذهبي جماعتن جي سڏ تي  فلسطيني مسلمانن سان اظھار يڪجھتي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف شھر ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال رھي. مارڪيٽ چوڪ کان لطيف گيٽ تائين ھڪ وڏي  ريلي پڻ ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن تي فلسطين جي حق ۾ نعرا لکيل ھئا. واپارين جي هڙتال سبب ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بازارون، مارڪيٽون، پيٽرول پمپ ۽ پرائيوٽ اسڪولن سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالحميد قريشي، ماما رتن لال لالواڻي جاويد رائو، ديدار بهراڻي، ضياءالحق نقشبندي ۽ ٻين خطاب ڪيو،ٺٽي ۾ الطاف احمد ملاح، عبدالله آدم گندرو، عبدالمجيد سمون، محرم خاصخيلي، شفيع محمد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو  تلهار ۾  قاضي سانوڻ، محسن علي، يعقوب نقوي  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.