ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف جي ملاقاتماڻهن کي لولي پوپ ۽ بيوقوف بڻائڻ ۽ ٽوپي ڊرامي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ڪئنالن وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ موڪلڻ ۽ وڌيڪ اينگهائڻ بدران سڌي طرح سان پريس ڪانفرنس ۾ ان کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ها، ڇو ته ان سڄي منظر نامي ۾ سي سي آءِ جي 08 ميمبرن مان 04 ميمبر ته حڪومتي پارٽي جا جڏهن ته پنجون ميمبر امير مقام به مسلم ليگ ن جو نمائندو، ڇھون ميمبر وزير اعلي بلوچستان سرفراز بگٽي به ساڳين قوتن جو ماڻهو ۽ انهن جي ئي چوڻ ۾ آهي، علي امين گنڊاپور جو ووٽ به شايد سنڌ کي نه ملي سگهي باقي رهيو مراد علي شاھ جيڪو اڪيلو رهجي ويندو، سي سي آءِ جو قانون آهي ته فيصلا اتفاق راءِ سان نه پر اڪثريت راءِ سان ٿيندا.