کورواھه ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ جي ريلي، ڌرڻو

کورواھه (رپورٽ: شاھجهان خاصخيلي) سنڌو درياھه مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غيرملڪي سرمائيڪارن کي ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان کورواھه موري کان ريلي ڪڍي مين سٽي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن، ٻارن، پارٽي ڪارڪنن ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر عبدالستار رند، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي محمد پرويز ميمڻ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مهڪ هاليپوٽو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري دريا خان زئور، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس، تعلقي گولاڙچي جي صدر حنيف چانڊيو، ايڊووڪيٽ خليل درس، احمد خان رند، عبدالڪريم لوهار، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري دلدار نوحاڻي، جميل ملاح ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ڪئنالن واري معاملي کي سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ سنڌ جي عوام سان سراسر دوکو ڪرڻ آهي، اڳواڻن چيو ته سي سي آءِ ۾ اڪثريت پنجاب جي آهي، تنهن ڪري سي سي آئي پنهنجو وقار وڃائي چڪي آهي، هنن چيو ته آدمشماري ۾ سي سي آءِ غلط فيصلو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي، سنڌ جو ڪوبه فرد سي سي آئي تي اعتبار نه ڪندو، سي سي آءِ جي برابري جي بنيادن تي ٻيهر جوڙ جڪ ڪئي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي اختيار آهي ته هو تڪراري منصوبا رد ڪري سگهي ٿو پر شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ائين نه ڪيو ويو سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڪو به اختيار نه ڏنو آهي ته اها سنڌ جي عوام جي قسمت جا فيصلا ڪري، ڪارپوريٽ فارمنگ، انويسٽمينٽ بورڊ 2023ع پيڪا ايڪٽ ۽ 26 هين آئيني ترميم جهڙن ڪارن قانون خلاف سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي، احتجاجي ريلي کي جي يو آءِ اڳواڻ حافظ عباس شاھ،شيعا علماءَ ڪائونسل اڳواڻ فقير قادر بخش مڱڻهار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.