سمنڊ کي درياهه جو پاڻي نه ملندو ته تمر ختم ٿي ويندو: جسٽس(ر)شهزادو شيخ

ڪراچي (ارباب چانڊيو) پروفيسر جسٽس رٽائرڊ  شهزادو شيخ چيو آهي ته  سامونڊي زندگي کي  ڊسٽرب ڪرڻ جي ڪري يهودين کي  باندر بڻائي سزا ڏني وئي هئي.سمنڊ ۾ ٻه ڀيرا ڏينهن ۾ جوار ڀاٽا  اٿندي آهي جيڪا ڪراچي کان ڌاٻيجي تائين ويندي آهي سمنڊ ۾ مٺو ۽ کارو پاڻي گڏبو آهي .اگر سمنڊ کي درياهه جو پاڻي نه ملندو ته  تمر ختم ٿي ويندو، مڇي ختم ٿي ويندي.ايوب جي دور جون سمنڊ جون تصويرون ڏسو ته ڪيترو سرسبز سائو هئو.ملين جي تعداد ۾ مينگروز هئا. ميلن کان درياهه پاڻ سان  لٽ کڻي اچي ٿو جنهن ۾ منرلز آهن جيڪي سامونڊي حياتيات لاءِ ضروري آهن.  هي سوال ڪن ٿا ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇو وڃي؟پاڻي مامرو هڪ صوبي جو ناهي بين الاقوامي مسئلو آهي. اهو عالمي قانون آهي ته مٿين وارا پوڇڙ وارن جو پاڻي نه ٿا روڪي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.