ملڪ 71ع جهڙي سانحي جو شڪار ٿي سگهي ٿو:ڪاشف شيخ

ڪراچي/ ميهڙ(پ ر+ن ع آ)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ڪئنال سنڌ جي لاءِ زهر قاتل آهن ۽  اهي ڪئنال سنڌين جي نسل ڪشي ڪندا، ڪيترن ئي مهينن کان سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي ملڪ وري 71ع جهڙي سانحي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميهڙ جي مقامي هوٽل ۾ رٿيل ”آل پارٽيز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جي يو آء  جي اظهار الحق صديقي، مولانا مسعود احمد پنهور ، جعفريه اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن جي ميثم عباس، سني تحريڪ اڳواڻ مولانا احمد ذين مگسي، اهل سنت والجماعت جي مولانا منظور احمد ، مرڪزي اھل حديث جي نذير احمد جانوري، ايس يو پي جي حبيب الله حضوري، سنڌ ساگر پارٽي جي گلشير سوڍر ۽ ينگ اسٽوڊنٽ اڳواڻ آزاد چنا، جماعت اسلامي ضلع دادو جي امير مولانا عبدالرحمٰن منڱريو، موسى ٻٻر، امتياز چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته   پ پ قيادت عوام کي لولي پوپ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف نام نهاد جلسا ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪري. صوبائي امير غزه ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي جي حوالي سان چيو ته اسرائيلي جارحيت ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.