خيرپور/سکر(نمائندا)خيرپور جي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن پاران لڳايل ڌرڻي کي ست ڏينھن مڪمل ٿي ويا جڏھن ته عوام پاران وڪيلن سان ۽ سنڌو سان يڪجهتي جو اظھار ڪرڻ لاءِ ھزارين ماڻھن جا قافلا ڌرڻي واري ھنڌ پھتا جن ۾ سول سوسائٽي،قوم پرست،سياسي توڙي مذھبي ڌرين جي ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي مختلف راڳين پاران سرن جي ورکا پڻ ڪئي وئي ڌرڻي ۾ سنڌ جي مشھور راڳي احمد مغل پاران شرڪت ڪري پنھنجي سرن جي ورکا ڪري قومي گيت ڳائي ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو،وڪيلن پاران ڏنل 72 ڪلاڪن جو مدو پورو ٿيڻ بعد وڪيلن جي ڪور ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڌرڻي جي اڳواڻ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ جي صدارت ۾ ٽي ڪلاڪ ٿي جنھن فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت کي 48 ڪلاڪن جي وڌيڪ مهلت ڏجي ٿي جيڪڏهن تڪراري ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته 48 ڪلاڪن بعد پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ۽ ريل گاڏين کي بند ڪيو ويندو ۽ ريلوي ٽريڪ تي به ڌرڻا هنيا ويندا گڏجاڻي ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي جي سکر واري جلسي ۾ ڪو به وڪيل شرڪت نه ڪندو مشاورتي اجلاس ٻٻرلوء ۾ وڪيل اڳواڻ سيد جعفر شاھ جي رهائش گاھ تي ٿيو عامر وڙائڇ چيو ته حڪومت پاران نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جون ڳالھيون هلي رهيون آهن پر حڪومت جي غير سنجيدگي سبب ڌرڻو اڃان جاري رهندو ۽ ڪئينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نوٽيفڪيشن جي واپسي بغير ڪنهن به صورت ۾ ڌرڻو ختم نه ٿيندو ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو ته روهڙي ۾ ٿيندڙ پ پ پ جلسي ۾ شرڪت لاءِ پيپلز پارٽي قيادت پاران دعوت ڏني پر اسان پيپلز پارٽي واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪنداسين جيسين تائين تڪراري ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس نه ڪيو ويندو تيسين تائين پرامن ڌرڻو جاري رکيو ويندو، اسان کي چيو وڃي ٿو ته هندوستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشيدگي هلي پئي جنهن ڪري توهان خير سنگالي طور ڌرڻو ختم ڪيو،اسان چئون ٿا ته پهريان ڪئنالن واري منصوبي ڪينسل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڏيو.ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان هتان ڪئنال رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن وٺي پوءِ وينداسين. وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات کانپوءِ سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنالن بابت فيصلي جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. ان تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته سندن ڌرڻو جاري رهندو، هنن جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن اهي نوٽيفڪيشن جي صورت ۾ جاري ڪن، بنا نوٽيفڪيشن جي اسان هتان نه وينداسين. هن چيو ته هو احترام جوڳا ۽ اعتماد جوڳا آهن پر نوٽيفڪيشن کانسواءِ ڳالهيون اڻپوريون آهن، وٽن اختيار آهي، سي سي آءِ ۾ وڃڻ بدران سادو نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته ڪئنال رد ڪريون ٿا، جيڪي ڳالهيون هو زباني ڪن ٿا، انهن کي لکي ڏيڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد نٿي ڪري ۽ ان جي ڪري اسان پ پ جي احتجاجن، جلسن، جلوسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جو هڪ نه پر 4 مطالبا آهن، نوٽيفڪيشن هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ گڏجاڻي ڪري اڳتي جي حڪمت عملي جوڙي ويندي. سندس چوڻ هو ته پاڻي لاءِ وفاق سان وڙهي رهيا آهيون ته ڪنهن کي نه ڇڏينداسين، سنڌ جي پاڻي تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي، ڀلي کڻي ڀارت هجي.
اوٻاوڙو( رپوٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)سنڌ پنجاب دنگ ڪمون شھيد وٽ سنڌو تي ڌاڙي خلاف لڳل ڪيمپ تي سنڌ جي عاشقن جا قافلا پھچڻ جو سلسلو جاري وڪيل برادري جي سرپرستي ۾ لڳل ڪيمپ تي سياسي سماجي ۽ قوم پرست اڳواڻن ۽ سوين ماڻھون پھچي ويا سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ذوالفقار جلباڻي، ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، گهوٽڪي بار جي صدر لياقت ملاڻو، اوٻاوڙو بار جي صدر قادر بخش ڀٽي سردار لھڙي خان ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيل برادري پاران ٻئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي جتي قومپرست اڳواڻن آل سنڌ ملڪ ويلفئر اتحاد جي مرڪزي سرپرست اعلي لھڙي خان ملڪ سوين ماڻھن جي قافلي سان جلسي گاھ ۾ پھتو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ضلع اڳواڻ علي نواز سپيو ريلي ڪڍي ڪارڪنن سان گڏ ريلي جي صورت۾ پهتو علائقي واسين ۽ شهرين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن ته مختلف هنڌن ٻٻرلوء باء پاس , ڄام شورو , ديرا موڙ ۽ ٻين هنڌن لڳل ڌرڻن سبب ڪمون شهيد سنڌ پنجاب دنگ وٽ گاڏين جي غير معمولي اچ وڃ بند ٿي وئي وڪيل ذوالفقار جلباڻي , عبدالفتاح سميجو قادر بخش ڀٽي،عبدالفتاح سمون ايڊوڪيٽ راشد علي سنڌو فھد حسين شاھ ملڪ اتحاد جي اڳواڻ سردار لھڙي خان ملڪ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو ضلع اڳواڻ علي نواز سپيو ۽ ٻين اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو دريا تي ڇھ ڪينال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي جيستائين ڪينال منصوبو رد ڪرڻ وارو نوٽيفيڪشن جاري ناهي ٿيندو تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو ڌرڻي ۾ مشهور سنگر رحمان ابڙو قومي گيت ڳائي ڌرڻي ۾ ويٺل ڏرتي ڌڻين کي گرمائي ڪري ڇڏيو ڌرڻي ۾ موجود وڪيلن قوم پرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پ پ شھيد ڀٽو ۽ جيئي سنڌ جا جھنڊا لھرائي سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ۔ جنگ آ سامراج توسان جنگ آ ھي ڌرتي اسان جو ننگ آ ڪئنال ٺاھيندي پادر کائيندين جھڙا نعرا هنيا