حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قوم پرستن ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته سنڌ ڪنهن به زباني اعلان کي قبول نه ڪندي, وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙي تڪراري منصوبي تي هڪ لفظ به نه ڳالهايو, سنڌ سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف آهي. ان ڪري سنڌ جو عوام حڪمرانن جي ڪنهن به دوکيبازي ۽ چالاڪي ۾ نه ايندو. سنڌ پنهنجي پرامن عوامي مزاحمت جاري رکندي. ان سلسلي ۾ سنڌو درياهه بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن سنڌ دشمن منصوبي جي رد ٿيڻ جي آئيني ضمانت ملڻ کانسواءِ ڪنهن جي به پريس ڪانفرنس ۽ لفظي واعدو يا اعلان قبول ناهي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي سيد زين شاهه چيو ته شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس لالي پاپ آهي, سنڌ جو عوام انهن جي ان پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين کي دوکو سمجهي ٿو. هو سنڌ جي پرامن سياسي مزاحمت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن, پر سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن منصوبن جي رد ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکندو. هن چيو ته سڀ کان پهريان ته صدر آصف علي زرداري 8 جولاءِ واري اجلاس جا ميٽنگ منٽس واپس وٺي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو ته ملتوي ڇا جو؟ ملتوي جو مطلب آ في الحال پاڻي تي ڌاڙي جو فيصلو ڪينسل آهي، پوءَ ڪئنالِ ڪڍنداسين. درياھه تي ڌاڙي جو فيصلو واپس وٺو، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي خاتمي جو رڳو اعلان نه کپي، وزيراعظم ۽ صدر جي صحيح سان نوٽيفڪيشن به کپي، وزيراعظم ميڊيا تي اچي ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌائي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڳالھين ۽ ڪميٽين جي ضرورت ناھي. احتجاج تيستائين ختم ناهي ڪرڻو جيستائين زمينن جي والار ۽ ڪئنالن جو لکت ۾ واپسي جو اعلان نه ٿو ڪيو وڃي . عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو آهي ته وزير اعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ڪئنالن واري معاملي کي سي سي آئي ۾ کڻي وڃڻ سنڌ جي عوام سان سراسر دوکو ڪرڻ آهي. سنڌ جي عوام جي شديد احتجاج جي باوجود نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار نه آهي.آدمشماري ۾ سي سي آئي غلط فيصلو ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارن منصوبن جي مڪمل خاتمي تائين سنڌ جي ماڻهن جي پرامن عوامي مزاحمت جاري رهندي, احتجاج ختم نه ٿيندو. اسان کي منصوبا رد ٿيڻ جا نوٽيفڪيشن گهرجن. هن چيو ته اسان وٽ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ بشير ميمڻ وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام کڻي پهتو هو, اسان ان کي به واضح ڪيو هو ته ڪينالن واري منصوبي جي رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ڏنل سنڌ جون زمينون واپس نٿيون ٿين تيستائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته پاڪستان جي حڪمرانن جي سموري تاريخ دوکي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل رھي آھي، سنڌ جا ماڻهو احتجاج ۾ آھن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وزير اعظم شھباز شريف جي ڪينالن نه ڪڍڻ واري زباني اعلان کي قبول نه ڪندا.ٻٻرلو جي ڌرڻي جاري رھڻ سميت سنڌ جا ڪروڙين سنڌي پوئتي نه هٽندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو آهي ته اسان شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين کي رد ڪيون ٿا. ڪينالن جي رد ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جيستائين نٿو اچي تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو. عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ بخشل چيو ته ڳالھه سڌي ۽ چٽي آھي ته ھي تحريڪ درياھه بچائڻ جي تحريڪ آھي جيستائين ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ گھربل پاڻي نه ٿو ڇڏيو وڃي ، تڪراري ڪينالن ۽ ڪارپورٽنگ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين رد ڪرڻ وارا نوٽيفڪيشن جاري نه ٿا ٿين اسان جي ھي تحريڪ جاري رھندي.