حيدرآباد(رپورٽر) اسان وزير اعظم شهباز شريف ۽ بلاول جي ميٽنگ کانپوءِ ڪيل پريس ڪانفرنس کي عوام سان ڌوڪو ۽ عوام کي لالي پاپ ڏيڻ جي برابر سمجهون ٿا. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ پاپولر ليفٽ الائينس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي پنهنجي بيان ۾ ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ سنڌ جي ويٺل نمائندن جي سنڌ جي اڪثريتي عوام جي اڳيان ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي جدوجهد جاري رکندو ۽ پنهنجي جدوجهد سان حڪمرانن جي ٺڳين کي رد ڪندي تيستائين جدوجهد جاري رکندو جيستائين اسپيشل انويسٽمنٽ ايڪٽ 2023 کي واپس وٺي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪينالن ،تاريخي ماڳن تي قبضي جي سمورن منصوبن کي رد نٿو ڪرائي .