ٽنڊو محمد خان /مويا (ڊ ر)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٽنڊو محمد خان جي شهر مويا ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف /ڏسو صفحو 7 ڪالم 1
پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ڪري مين اسٽاپ وٽ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، پيادل مارچ ۾ سوين عورتن پڻ شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ڳالھين ۽ ڪميٽين جي ضرورت ناھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ينالن جي خاتمي تائين احتجاج، ريليون ۽ ڌرڻا ھرگز ختم نه ڪرڻ گھرجن احتجاج تيستائين ختم ناهي ڪرڻو جيستائين زمينن جي والار ۽ ڪئنالن جو لکت ۾ واپسي جو اعلان نه ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپورٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي خاتمي جو رڳو اعلان نہ کپي, وزير اعظم ۽ صدر جي صحيح سان نوٽيفڪيشن به کپي، وزيراعظم ميڊيا تي اچي ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌائي،هن چيو ته سنڌ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي، حڪمرانن سنڌ تي حملو ڪري ماڻهن کي ميڙي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، هي ڊگهي جدوجهد آهي سنڌ جي چوري ڪيل ملڪيت واپس ڪرائينداسين هن چيو ته آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بنائڻ جي قيمت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين ۽ وسيلن جي صورت ۾ ڏنا آھن. جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نه ڏنو ائين چولستان سميت 6 ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين.