سائين جي ايم سيد- سِنڌ جي تهذيب جو آشيانو

تحرير: عامر انصاري‎

‎ ھُو ھِڪ شخص نه، پر ھزارين ورھين جي سنڌو سڀيتا جي تاريخ ھو، جنھن جي مٽيءَ ۾ پنج هزار ورهين جي ڌُنڌلي تاريخ سمايل ھئي. ھُن جو سنڌو درياءَ جي قديمي تھذيب سان پُراڻو ناتو جُڙيل ھو. پاڻ سدائين سنڌو تھذيب جي قديمي خالق درياءَ شينھن سان ھم ڪلامي ٿيڻ کي پنهنجي حقيقي عبادت سَمجھندي قضا ڪرڻ کي ڪُفر سمجھندو ھو. سائين جي ايم سيد ھميشه سنڌوءَ جي لھرن کي پنھنجي دل ۽ دماغ ۾ سمائي قديم سنڌو سڀيتا جي ميساريل تاريخ کي پنهنجي وسيع سوچ ۽ مطالعي سان تخليق ڪري ھزارين ورھين جي سنڌو تھذيب کي وجود ۾ آڻي تهذيبن جي ڀيٽ ۾ مُنفرد مقام بخشيو. سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي ويھي سانوڻي جي پن ڇڻ جي رُت موسم ۾ کُليل آڪاش ھيٺ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان کٽ تي ٽيڪ ڏئي ويهندڙ صوفي منش انسان سائين جي ايم سيد، جنھن جي دلڪش رُوح ۾ مخدوم بلاول جي گيڙو پڳ جي عظمت پوشيده ھئي ته تھذيب جي خالق درياهه خان جي رت ڦڙن جي رنگت سمايل ھئي. سيد جڏهن ڄائو تڏهن ڌرتي پورب ديوتا کي نمي پرنام ڪيو ھوندو. سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُھو عاشق ھو، جنھن جو ھِن پاڪ پويتر ڌرتيءَ سان ننڍپڻ ۾ نينھن جو ناتو جُڙي ويو. پاڻ سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ويھي سنڌ ڌرتيءَ جي ڌُنڌلي تاريخ جيڪا حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ سنڌي ماڻهن جي ھٿن مان ڏاڍ ۽ جبر تحت ھٿن مان کسي ورتي، پنهنجي اکين جي روشنيءَ سان تھذيب جي بادشاهه درياءَ شينھن سان چپ چپن ۾ ملھائي مخاطب ٿيندي ميساريل تاريخ کي ٻيهر زندهه ڪري سنڌي قوم جي ماڻهن جي ھنج ۾ امانت طور ڏني ۽ چيائين ته مونکان پوءِ سنڌ جي پارت اَٿوَ. سائين جي ايم سيد سنڌ ڌرتيءَ جي عشق ۾ سَمورين صلاحيتن کي گڏي مُحبتن جو ھڪڙو اھڙو ڳوٺ آباد ڪرڻ پئي چاهيو، جيڪو تاحيات تاريخ ۾ زندهه رھي، جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو:

محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو،

تنهين جي ويڙهي پاڻهي ايندو بادشاهه!

اھڙن مُحب وطن انسانن کي تاريخ ھميشه پنھنجي لفظن ۾ ياد ڪندي آهي. سائين جي ايم سيد نه صرف ھڪ فرد ھو، پر ھُن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ جي تاريخ ايتري ته سمايل ھئي، جنھن کي پاڻ دنيا آڏو آشڪار ڪرڻ ھِن عظيم صوفي منش انسان لاءِ ضرورت بڻجي وئي، جنھن کي مختلف مذهبن جي ڪثرت پٺيان وحدت جو پسمنظر شاهه عنايت صوفي شھيد جي تعليمات ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي فڪري آبياري حاصل ھئي، اُن کي وڌيڪ پَڪو پُختو مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي صحبت ۽ تعليمات ڪيو ھو. اُن ڪري سائين جي ايم سيد سنڌ جي پنج ھزار ورهين جي قديم سنڌو سڀيتا جو اُھو فڪري وارث ھو، جنهن جي نظر ۾ انسانيت سَڀ کان اُتم ھئي. ھُو تھذيبن جي ٽڪراءَ واري نقطئه نظر بدران انسانيت ۽ مذھب جي پُرامن بقا ۽ باھمي جو پرچارڪ هو. سائين جي ايم سيد جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ نھايت بينظير رھي آھي، اُھا ئي قديم تھذيبن جو آشيانو رهي، جيڪا سنڌي قوم ھزارين ورھين کان ھڪ آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾ تاريخ ۾ پاڻ مَڃرائي ھڪ اعليٰ مقام حاصل ڪيو. اُن آزاد سنڌ وطن کي حملي آور پنهنجي لشڪرن سان گڏ ھلائون ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ، ھزارن جي تعداد ۾ وطن پرست سنڌي ماڻھن جو قتلام ڪرڻ ۽ سنڌ جي نياڻين جون چيھاڙيل چوليون ۽ بدن تي ڪوڙن جا وسڪارا ڪيا ويا، نه صرف ايترو، پر اُنھن نياڻين جي عزتن کي نيلام ڪري سرِعام بازارن ۾ وڪيو ويو. اڄ به تاريخ جا ورق سُرخ رَتَ ڦُڙن جي شاھدي ڏين ٿا، جن جي سفيد اَمن جھڙي پھراڻ پوشاڪ کي رَتُ ۾ ٻوڙي ڇڏيو. اُن وقت سائين جي ايم سيد درياءَ شينھن جي ڪاوڙيل لھرن کي جھٽ پل سَمجهي ورتو، جيڪي صدين کان ھِن ڌرتيءَ تي مخدوم بلاول جي ڀٽڪيل رُوح جيان ڀٽڪنديون پيون رَھن، جنھن کي ڪن فتويٰ فروشن گھاڻي ۾ پيڙھڻ جي فتويٰ جاري ڪئي، تڏهن هُن موت سان اکيون اکين ۾ ملائيندي مرڪندي چيو ته ”مون کي اوھان جي سزا قبول آهي ۽ مون کي پيرن کان پيڙهڻ شروع ڪيو ته جيئن منهنجا ڪن منهنجي هڏن جي پيڙجڻ جو آواز ٻُڌي سگهن.“ پاڻ اُن وقت سنڌ جي قھري دور کي ”اتحاد انساني، اَمن، ترقي بني آدم“ جھڙي سوچ سان وقت جي غاصب ۽ رھزن مھاڏو اٽڪائي پنهنجي گھري مطالعي ۽ فڪر جي سوچ سان سنڌي قوم کي بيدار ڪري حق سچ جي راھه تي ھلڻ جي ھدايت ڪئي، جيڪو فڪر سندس ڏاڏي شاھه حيدر سنائي کان مليل ھو، جيڪو پاڻ بلاولي تحريڪ جو اھم اڳواڻ ۽ روح روان ھو، جنھن سنڌ اندر ڌارين جي خلاف سراپا مزاحمت ڪندي تحريڪ ھلائي. سائين جي ايم سيد اُن دور جي پيدائش آهي، جنهن وقت سنڌ مٿان سامراجيت جو قھري راڄ قائم ھو، جنهن دور ۾ حملي آور لشڪر سنڌ تي ڪاھه ڪري سنڌي ماڻهن جو قتلام ڪندا ھئا ۽ ماتر ڀومي، سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ تي پابنديون مڙهي اُنھن جون زبانون ڪٽيون وينديون هيون. اُن وقت سائين جي ايم سيد گھري ننڊ مان اُٿي پنھنجي جادو واري ڇڙي کي ضعيف ھٿڙن سان زمين تي کڙڪائي سامراجي قوتن کي للڪاري ڌارين جي لشڪرن جي ھوائن جا رُخ موڙي ڇڏيا ۽ پنهنجي ماتر ڀومي کي زندهه رکڻ لاءِ سامراجيت خلاف اڏول ٿي بيٺو، جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو:

جي تون سکين فارسي گولو تون غلام،

اڃيو تان آب گھرين، بکيو تان طعام،

جو ٻڌو ٻن ڳالهين سو ڪيئن ڄائي ڄام،

عامن سندو خاصن منجهان نه ٿئي!

سائين جي ايم سيد اوندهه ۾ شمع جي اُھا روشني ھو، جنهن تيز طوفان جي فضا ۾ پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ ڪڏهن به لچڪ ڪونه آندي، ڇو جو اُن جو مَحور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي، جنھن قوم کي سيد محبوب سڏي وڏي اڪير مان ڏسي سئو سئو بار قربان ٿيڻ پئي چاهيو. سائين جي ايم سيد اُھو صوفي منش عظيم انسان ھو، جنهن پنهنجي سَڄي ڄمار محبوبه سنڌ کي ارپي ڇڏي.

سائين جي ايم سيد ھِن رياست جو اُھو واحد ضمير جو قيد ھو، جنھن کي ھِن حڪومت جا جج سزا ٻُڌائڻ کان پھرين پنھنجون ڪورٽون ڇڏي ھليا ويندا هئا. جڏهن به پاڻ آڪاش ڏانھن نيھاري پنھنجي لٺ کي کڙڪائيندو ھو ته اُن وقت سامراجي قوتن جون ننڊون حرام ٿي وينديون ھيون، ايوانن جا دروازا تيز کڙڪڻ لڳندا هئا. انصاف جي ديوي رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان وفائي جي ڏوھه جي سزا ڏيڻ کان پنھنجي اکين تي پٽي ٻڌي شرمائڻ شروع ڪري ڏيندي ھئي، جنھن پنھنجي وطن سان ساھه جي آخري گهڙين تائين پنھنجي قلم ۽ سنڌ جو توڙ نڀايو. سائين جي ايم سيد جي سچائي ۽ جدوجھد سنڌي قوم لاءِ ھڪ مثال آهي، جنھن ھر محاذ تي بيھي ڪري وقت جي ظالم حڪمرانن کي للڪاري سنڌ جي آجپي جي چٽي واضح گُھر ڪئي. ھڪڙا ماڻھو عام رواجي زندگي گذاري ڌرتيءَ تان مٽجي ويندا ته ٻيا وري وطن ۽ آجپي جي لاءِ تاريخ ۾ امر بڻجي ويندا آهن. سائين جي ايم سيد کي مرحوم چوڻ تاريخ سان ويساهه گهاتي ھوندي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي سَموري زندگي سنڌي قوم لاءِ ھڪ وڏو مثال آهي، جنھن سنڌ سان وفائي ڪندي زندگيءَ جو ڊگھو وارو عرصو ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو.

سن شھر سنڌو درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو جيءُ به سنڌو درياءَ سان جُڙيل ھو. سائين جي ايم سيد سنڌو درياءَ جي ڪپ ٻٻر جي وڻ ھيٺيان اچي ويهندو هو، سو وڻ به سنڌو جيان سُڪي ويو آهي. ھاڻي ساڳي جاءِ تي ٻٻر جو ھڪ ٻيو وڻ بيٺل آهي، جنهن جي ھيٺيان پيل خالي کٽ مھاڻن جي ٻار وانگر اُداس آهي. نمن جي قطارن واري قبرستان ۾ بڙ جي گهاٽي وڻ جھڙو اُھو اڏول انسان کُليل آڪاش ھيٺ ڪتاب جي تشبيهه واري سنگ مرمري مرقد ھڪڙو باغي شخص ابدي ننڊ سُتل آھي، جيڪو 91 ورھين جي ڄمار ۾ 25 اپريل 1995ع تي سن جي مٿان بڊي جبل ۾ لھندڙ سج جيان ھٿان ھليو ويو. اڄ 25 اپريل اصولن جي پابند اڏول انسان جنھن پنھنجي سَڄي ڄمار سنڌ جي عشق ۽ حق سچ خاطر قربان ڪري ڇڏي. اسان اڄ 30ھين ورسيءَ جي موقعي سندس کي نمي سُرخ سلام پيش ڪريون ٿا، جنھن سنڌ سان محبت ڪرڻ سيکاري. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو اھڙو امر ڪردار آهي، جنھن کي سنڌ ھميشه پنھنجي نالي سان گڏ جوڙي ڇڏيو. جڏهن به سنڌ جو ذڪر ٿيندو ته اُتي ضرور سيد جو به ذڪر ٿيندو، جيڪو ڪيترن ئي سنڌ جي عاشقن جي دل ۽ چپن تي زندهه آهي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.