اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ، ھندستان ھڪ غير ذميواراڻو قدم کڻي، سنڌ طاس معاھدي کي معطل ڪيو آھي. سنڌو طاس معاهدو نه صرف پنهنجي ٽيڪنيڪل درستگي ۽ ٻه طرفي سھڪار لاءِ چٽو آهي، پر ان جي عالمي قانوني حيثيت پڻ ٻڌائي ٿي ته ائين هڪ طرفو عمل، خاص طور تي موديءَ جي سياسي، سفارتي بيوقوفي ۽ هٺ ڌرمي آهي. هي معاهدو لکين ماڻهن جي حياتيءَ کي سنڀاليندڙ دريائن لاءِ گڏيل عزم کي مضبوط ڪري ٿو. ھاڻوڪي حالتن ۾ اچو ته 1948 واري معاھدي جا پيرا کڻون
1947ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان ٻه ملڪ آزاد ٿي سامهون آيا ۽ برِصغير کي ورهايو ويو ته ان ورهاڱي سنڌو طاس کي پڻ ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. خاص ڪري اولهه ۽ اوڀر پنجاب جا صوبا ورهاڱي جي رتو ڇاڻ سان گڏ پنهنجن هيڊورڪس ۽ واهن کي پڻ ورهائي ويٺا. مثال طور فيروزپور ۽ مڌوپور هيڊورڪس اوڀر پنجاب ۾ رهجي ويا ۽ اُتان ايندڙ پاڻيءَ وارا واهه اولهه پنجاب لاءِ هئا. پارٽيشن کانپوءِ ڪجهه عرصي تائين ”جيئن جو تيئن“ وارو معاهدو جاري رهيو ۽ ان سان پاڻي پڻ هيٺ ايندو رهيو. 1948ع اپريل جي پهرين تاريخ تي هندستان، پنجاب ۾ ايندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو. پاڻيءَ جي بندش زراعت لاءِ هڪ خطرناڪ عمل هو. ان بحراني ڪيفيت کان نڪرڻ لاءِ مئي جي 4 تاريخ تي دهلي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ”انٽر ڊومينين“ معاهدو ٿيو! ان تي هلندڙ ڳالهين ۾ ٻنهن ملڪن جي اعليٰ اڳواڻي جو شامل ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ، پاڻيءَ جي معاملي ۾ اسٽريٽجڪ سوچ جو اظهار ڪيو. هندستان وفد جي اڳواڻي انهن جي وزيراعظم جواهر لال نهرو ڪئي ۽ سندس ٽيم ۾ سورن سنگهه ۽ اين ــ وي گدگل جهڙا تجربيگار سياستدان ۽ وزير شامل هئا، جن هندستان جي مفادن کي يقيني بڻائي ڳالهيون ڪيون. هندستان اپر رپيريئن هئڻ جي فائدي سان گڏ، اها پڻ پڪ ڪئي ته ايندڙ وقت ۾ هُن جو فيصلاسازي ۾ مٿانهون هٿ هجي. جڏهن ته پاڪستاني وفد، جيڪو حقيقت ۾ پنجاب صوبي جو وفد هو آڻ مڃي نه صرف اوڀارين دريائن مان ايندڙ پاڻيءَ جا پئسا ڏيڻا ڪيا، بلڪه هيڊ ورڪس جي سار سنڀار جو خرچ ۽ سيگنيوريج چارجز پڻ پاڻ تي کنيا!
ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان انهن ڳالهين ۾ ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه ڏيکاري ۽ نه ئي اهڙو ڪو دستاويزي ثبوت ملي ٿو، جنهن مان اِهو ظاهر ٿئي ته پاڪستان جي اعليٰ قيادت، هندستان ويندڙ وفد کي خاص هدايتون ڏنيون هجن. بلڪه تاريخي دستاويزن سان اِهي رويا نروار ٿين ٿا ته ”اولهه اوڀر پنجاب وڃي پاڻ ڄاڻڻ“ وارو معاملو هو. پاڪستاني وفد جي قابليت تي سوال نٿا اُٿارجن پر انهن وٽ نهرو جهڙو اختيار نه هو، ان ڪري اولهه پنجاب بحران کي مُنهن ڏيڻ جي دٻاءُ جي ڪري هندستان کي فائدو ڏيندڙ شرطون قبول ڪيون، جن ۾ سيگنيوريج چارجز (پاڻيءَ جو ڪرايو) پڻ شامل هو. هي اُهو اڳواڻيءَ جو غير واسطيدار هئڻ هو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي سنڌ طاس معاهدي 1960ع ۾ هڪ آمر ايوب پاڪستان جا ٽي درياءُ راوي، ستلج ۽ بياس هندستان کي وڪڻي ڏنا ۽ سنڌو سرشتي کي هڪ دائمي کاٽ لڳي ويو.
1948ع واري معاهدي پنجاب جي اوچتي آيل تڪرار کي تڪڙو نبيرڻ لاءِ سوچيو ويو ۽ ڪيو ويو انهن ڳالهين ۽ معاهدي ۾ سنڌ ۽ گڏيل پنجاب جي وچ ۾ ڪيل معاهدي 1945ع کي مڪمل طور تي وساريو ويو! حقيقت ۾ اِهو نه صرف قانوني طور مڃيل معاهدو هو، بلڪه تاريخي حساب سان پڻ ان کي ڏسڻ ۽ ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ ضروري هو. هڪ ته جنهن پنجاب سان سنڌ جو 1945ع معاهدو ٿيو هو، اهو ٻن حصن ۾ ورهائجي چُڪو هو ۽ هُو هاڻ صرف پاڻ ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا ۽ ان فيصلي جو سنڌ تي ڪهڙو اثر پوندو، انهن کي ان ڳالهه جي پرواهه نه هئي. ان وقت ڏچي ۾ آيل سنڌ حڪومت، جنهن جا وزيراعليٰ 1940ع جي ڏهاڪي ۾ ذري گهٽ هر سال پيا بدلبا هئا، پڻ ڪنهن به طريقي سان پاڻي واري مسئلي سان ڄڻ ڳنڍيل ئي نه هئي، نه ئي وري مرڪزي حڪومت ۽ قيادت ان پوري معاملي کي سنڌ تي ايندڙ وقت ۾ پوندڙ اثرن جي حساب سان ڏسي رهي هئي! معاهدي جي هڪ شق ۾ چيل آهي ته تيستائين اولهه پنجاب جو پاڻي نه روڪيو وڃي، جيستائين اُهو اوڀر پنجاب کان ايندڙ پاڻيءَ جو متبادل ڳولي نه وٺي (۽ ان لاءِ نظام برپا نه ڪري وٺي)! ان هڪ ئي شق مان سنڌ لاءِ ايندڙ پاڻيءَ جي اڻاٺ جو صاف پيغام ملي ٿو. ان شق ئي 1960ع واري معاهدي جا بنياد رکيا. ٽي سنڌوءَ ۾ ڪِرندڙ دريا مٿي ورايا ويا، نه صرف ايترو پر ان جي جاءِ تي گهڻو ڪري سنڌو ۽ پوءِ چناب ۽ جهلم مان پاڻي پڻ اوڀارين دريائن جي پاڻي نه اچڻ جي صُورت ۾، اولهه پنجاب جي انهن علائقن کي ڏنو ويو، جن ۾ اوڀر پنجاب جي سرشتن کان پاڻي ايندو هو! نه صرف ايترو، بلڪه ڪيترا لک ايڪڙ نئين ٻني لاءِ پاڻي ورايو ويو!
ان پوري 1948ع واري معاهدي لاءِ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان طرفان 1945ع واري معاهدي جو ڪو به ذڪر نه ئي حوالو ڏنو ويو. حقيقت ۾ ان کي ايئن وسارڻ سان اولهه پنجاب جو به ڪيس ڪمزور ٿيو ۽ سنڌ لاءِ نقصان جا نوان دروازا کوليا ويا. جيڪڏهن ان وقت هن معاهدي (1945) جو مضبوط نموني ذڪر ڪري ڳالهين لاءِ هڪ اهم دستاويز جي صُورت ۾ پيش ڪيو وڃي ها ته هندستان جو مٿين پاسي (اَپ اسٽريم) واري برتري کي، هڪ منصفاڻي ۽ وسيع تر عالمي قانونن مطابق پاڪستان پنهنجو ڪيس مضبوطي سان رکندي، ڪمزور ڪري سگهي ها. صرف پنجاب کان پنجاب تائين ڌيان ڏيڻ جي ڪري، هندستان سفارتي طور تي ان معاهدي مان وڌيڪ فائدا وٺي ويو.
1948ع جي ڪيل معاهدي مان ٽي اهم سبق ملن ٿا. هڪ ته ملڪن جي وچ ۾ ڳالهين ۽ معاهدن لاءِ سياسي ۽ حڪومتي اڳواڻي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. نهرو جي ڳالهين ۾ اڳواڻي ڪرڻ (پنهنجي ملڪ جي) پاڻيءَ جي حوالي سان هندستان جي مستقبل کي محفوظ ڪيو. ڪنهن محقق لکيو آهي ته ”1948ع وارو معاهدو پاڪستان لاءِ پنهنجا حق گهرڻ جو هڪ وڃايل موقعو هو. اعليٰ قيادتي کوٽ وفد کي هڪ ڪمزور پوزيشن واري جاءِ تي بيهاريو ۽ هندستان جي شرطن کي مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو.“
ان مان ٻيو سبق اِهو ملي ٿو ته پاڻيءَ جي طرز حڪمراني لاءِ طاس سطح جو جامع نظريو ضروري آهي. سنڌو طاس هڪ گڏيل ۽ مربوط سرشتو آهي. ان کي ٽڪرن ۾ ورهائي فيصلا نٿا ڪري سگهجن. 1948ع ۾ سنڌ کي ايئن مڪمل طرح نظرانداز ڪرڻ ان وقت جي سياست بصيرت جي ڪمزوري ۽ تنگ نظريي جو اظهار آهي. جيئن هاڻ ڪلائمينٽ چينج/موسمي ڦيرگهير آهن، ان ۾ اهڙي تنگ نظري پاڪستان لاءِ مجموعي طور تي نقصانڪار آهي، ان ڪري ئي تڪراري ڪئنالن تي ۽ ڊيلٽا لاءِ پاڻي نه ڇڏڻ تي سنڌ کي سخت ترين اعتراض آهن. حقيقت ۾ اهي اعتراض پاڪستان کي موسمي ڦيرگهير لاءِ تيار ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي لاءِ ئي آهن.
1948ع جي ٺاهه مان اِهو پڻ چِٽو سبق ملي ٿو ته اهڙي قسم جا عارضي معاهدا، ڊگهي عرصي وارا نقصان نه صرف کڻي اچي ٿا سگهن، بلڪه انهن کي مستقل پڻ ڪري ٿا سگهن. اِهو نبيرو هڪ تڪڙو فائدو ڏيندڙ هو. پر ان جا سنڌ کي تمام وڏا ۽ ڏُور رس نقصان پهتا. اولهه پنجاب کي سيراب ڪندي سنڌوءَ ۾ ڪِرندڙ ٽي دريا پڻ ڄڻ پنهنجو اڌ ڌڙ وڃائي ويٺا. ان جو نقصان پنجاب کي به ٿيو، جيئن راوي لاهور ۽ پنجاب جي ٻين لاڳاپيل علائقن جو ثقافتي، ماحولياتي ۽ سرسبزيءَ جو اهڃاڻ هو، هاڻ ان ۾ رڳو نيڪال جو گندو پاڻي وهي ٿو. سواءِ چوماسي جي موسم ۾ جڏهن ڪجهه وهڪرا اچن ٿا! 1973ع ۾ ٺهيل هڪ پنجابي فلم ”جٿي وگدي اي راوي“ ”جتي راوي ندي وهندي آهي“ (هدايتڪار رشيد چوڌري) پاڪستان ۽ پنجاب جي نئين نسل کان وسري وئي هوندي (ان وقت جو مشهور گانو ”اي نگري داتا دي، اٿي آندا ڪل زمانا” ان فلم جو آهي ) جنهن جي ڊائريڪٽر کي ان وقت خبر نه هوندي ته 1948ع ۾ شروعات ڪيل هڪ عارضي معاهدي کان 1960ع ۾ پنجاب کي پنهنجي هڪ اهم تاريخي، ثقافتي ۽ ماحولياتي اهڃاڻ کان، هڪ آمر طرفان وڪري جي صُورت ۾، هٿ کڻڻو پيو هو ۽ سُپت سنڌو، پنهنجي اندر پلٽجندڙ خوبصورت نديءَ کان محروم ٿي وئي هئي.