ليجنڊ استاد بشير خان جو لاڏاڻو

تحرير: امر پيرزادو

ملڪ ۽ ايئن چئجي ته ايشيا جو ليجنڊ طبله نواز استاد بشير خان لاڏاڻو ڪري ويو۔ اسان کيس گلشن حديد ۾ خالد مخدوم جي گهر ۽ ٻين محفلن ۾ گهڻو ڏٺو ۽ سندس ڏات تي حيران ٿياسي۔ خالد مخدوم کي انور پيرزادو  موسيقي جو راءِ ڏياچ چوندو هو ۽ سندس گهر ۾ سر سنگيت جي محفل معمول هوندو هو، اتي استاد بشير سان گڏ اڪثر حنيف لاشاري، استاد غفورسومرو ۽ ٻيا راڳي هوندا هئا۔ مان پنهنجي بابا انور پيرزادي سان گڏ ويندو هيس۔

اڪثر طبلو وڃائيندڙ فنڪار پنهنجي اڱرين سان گڏ پنهنجي پنهنجيون ٻانهون ۽ جسم به حرڪت ۾ آڻيندا آهن پر استاد بشير خان جڏهن طبلو وڄائيندو هو ته صرف سندس آڱريون طبلي تي رقص ڪنديون هون، ايئن لڳندو هو ته کيس طبلي وڄائڻ لاءِ ڪا ڪوشش ئي نه ٿي ڪرڻي پوي ۔ سندس انداز صفا Effortless  محسوس ٿيندو هو۔ طبلي جي اها تاثير اڃا تائين ڪنن ۾ امرت رس اوتيندي آهي۔ هو مڃيل صدارتي ايوارڊ يافته طبلي نواز هو پوءِ به لڳندو هو ته سندس اهو قدر نه ٿي سگهيو جيڪو هو لهڻي پيو۔

جڏهن انور پيرزادو وڇڙي ويو ته ان کان پوءِ هڪ محفل ۾ حنيف لاشاري ڳائي پيو ۽ سنگت تي استاد بشير هو، حنيف ڳائيندي وچ ۾ رڪيو ۽ چيائين استاد بشير جو قدر ڪرڻ وارو انور پيرزادو هليو ويو آهي استاد بابت ان جي لفظن جي ڪمي محسوس ٿا ڪيون۔

استاد بشير خان اسان جي ڀاءُ زيد پيرزادي جي شادي تي استاد فتح علي سان راڳ تي آيو هو، اتي انور پيرزادي اهو واقعو ٻڌايو هو ته ايشيا جي مشهور فنڪاره زاهدا پروين سان جڏهن استاد بشير خان طبلو وڄايو ته هوءَ  ايترو متاثر ٿي جو هن پنهنجا زيور لاهي سندس قدمن ۾ رکيا هئا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.