سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي جا سنڌ تي اثر

اڄ جڏهن موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ هند-پاڪ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ وڌي چڪي آهي، ته انڊس واٽر ٽريٽي جو جائزو وٺڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. پاڪستان کي نه فقط ڀارت سان نئين سر پاڻي بابت ڳالهين جي ضرورت آهي، پر اندروني طور به پاڻي جي ورڇ بابت صوباڻي معاهدن کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن سنڌ جهڙا علائقا انصاف حاصل ڪري سگهن.انڊس واٽر ٽريٽي هڪ سفارتي فتح هئي يا سياسي غلطي؟ ان جو فيصلو تاريخ ڪندي، پر هاڻوڪي صورتحال ڏسي اهو چئي سگهون ٿا ته جيڪڏهن پاڻي تي خودمختيار پاليسي نه اپنائي ويئي ته ايندڙ نسلن لاءِ سنڌو ندي صرف تاريخي داستان بڻجي ويندي.انڊس واٽر ٽريٽي، جيڪا 1960ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ عالمي بينڪ جي ضامن ٿيڻ سان طئي ٿي، پاڪستان لاءِ پاڻي جي حياتيءَ واري لائين سمجهي وڃي ٿي. هي معاهدو پاڪستان کي سنڌو، جهلم ۽ چناب درياهن مان پاڻي حاصل ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو، جن تي سنڌ صوبي جي زراعت، ماحول ۽ معيشت جو دارومدار آهي.جيڪڏهن ڀارت هي معاهدو ختم ڪري، ته ان جو سڀ کان وڏو ۽ سڌو اثر سنڌ تي پوندو. سنڌ ۾ زرعي زمينون سڪي وينديون، پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڊيلٽا ختم ٿي سگهي ٿو، ۽ سمنڊ جو لوڻ بدين ۽ ٺٽي تائين پهچي سگهي ٿو. ماڻهو بيروزگار، بي گهر ۽ بک جا شڪار ٿي سگهن ٿا.هن حساس وقت تي وفاق کي گهرجي ته ڀارت سان پاڻيءَ جي هر حرڪت تي اک رکي ۽ سنڌ سميت سڀني صوبن کي اعتماد ۾ وٺي. ڇو ته پاڻي رڳو سياست نه، پر زندگيءَ جو سوال آهي.

حاڪم علي چانڊيو/دادو

ھينئر وقت آهي ته تعليمي ادارن جي انتظامي عملي، خاص ڪري هيڊ ماسٽرن ۽ انچارجن ، کي پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. انهن کي پنهنجن فيصلن ۾ انصاف، ايمانداري، ۽ برابري کي بنياد بڻائڻ گهرجي، ته جيئن استاد پاڻ کي عزت ۽ تحفظ واري ماحول ۾ محسوس ڪن. جيڪڏهن استاد خود مايوس ۽ نااميد ٿيندو، ته شاگرد به رستو وڃائي ڇڏيندا. جيڪڏهن استاد جي حوصله شڪني ٿيندي، ته علم جو چراغ وسامي ويندو.  تنھنڪري انچارج صاحبان، هيڊ ماسٽر صاحبان کي اھا ڳالھه ياد رکڻ گھرجي، ته ادارو اوهان جو ناهي، نه ئي اختيارات اوهان جي ذات لاءِ آهن. اها امانت آهي، جنهن جي باري ۾ سوال ٿيندو. استاد کي عزت ڏيو، انصاف ڪريو، ۽ تعليم کي عبادت بڻايو.جڏهن استاد کي محفوظ، برابري، عدل ۽ انصاف، ۽ عزت وارو ماحول فراهم ڪيو ويندو، تڏهن ئي هو نسلن جي بھتر تعمير ۾ پنهنجو پورو ڪردار ادا ڪري سگهندو.

محمد ھاشم بروهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.