سنڌياڻي تحريڪ جي قافلي جي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾شرڪت

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جو قافلو حيدرآباد کان ٻٻرلو ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، سڀاني ڏاهري، ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، شاهين خاصخيلي، ساجدہ ڀاڻو، ايڊووڪيٽ اشوڪ ڪمار، حئي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ حيدرآباد مان روانا ٿي ويا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪن پهرئين ڏينهن کان ٻٻرلو ڌرڻي ۾ موجود آهن، بلاول، شهباز اتحادي سرڪار ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا آڻي ملڪ دشمني ڪئي آهي، عمره سمون چيو ته  پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.