ڌرڻي سبب 25 سئو آئل ٽئنڪر، 12 هزار گاڏيون ڦاٿل آهي: ايف پي سي سي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) فيڊريشن آف پاڪستان چئمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز(ايف پي سي سي آءِ)  جي صدر عاطف اڪرام شيخ چيو آهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب پنجاب ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ 12 هزار گاڏيون قومي شاهراهه تي ڦاسي پيون آهن، هڪ هزار ڪمرشل گاڏيون ۽ 2500 آئل ٽينڪر به ڦاسي پيا آهن، سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي راشن ۽ خوراڪ جي فراهمي خطري ۾ پئجي وئي آهي. ملڪ کي معاشي نقصان ٿي رهيو آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي فوري طور حرڪت ۾ اچڻ گهرجي  پنجاب ۽ ڪي پي کي راشن ۽ خوراڪ جي فراهمي خطري ۾ آهي. ڪراچي پورٽ تي 3,000 کان وڌيڪ غير اعلانيه ڪنٽينر رپورٽ ٿيا آهن، روزاني ڊيمريج جو نقصان 2 ملين ڊالر کان وڌي ويو آهي. صدر ايف پي سي سي آءِ وڌيڪ چيو ته سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي مان 40 سيڪڙو ڪڻڪ ۽ سبزين جي پهچ متاثر ٿي آهي. جڏهن ته يورپي يونين ۽ نار جي منڊين ۾ ٽيڪسٽائل ۽ سامونڊي خوراڪ جي فراهمي جي مد 50 ملين ڊالر نقصان جو خدشو آهي.ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهراڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن مسئلا حل ڪري سگهجن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.