زاهده ڏاهري جي اڳواڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون نياڻيون ڌرڻي ۾ شريڪ

سکر(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ (ڪيو اي ٽي) جي مرڪزي نائب صدر زاھده ڏاھري مرڪزي وفد سان گڏ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ لڳل وڪيلنجي ڌرڻي ۾ پھچي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر زاھده ڏاھري چيو ته سنڌ جون نياڻيون جيستائين زنده آھن تيستائين پنهنجي سنڌو درياھ تي قبضو ٿيڻ ھرگز  نه ڏينديون. نوان ڪئنال سنڌي نياڻين جي لاشن تي ٺھندا، ست ڪروڙ سنڌي پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ وڙھندا،هن چيو ته  سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو. چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا ته لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا. آصف زرداري ۽ ٻين وزيرن پنھنجون ملڪيتون ٻاھرين ملڪن ۾ ٺاھي ڇڏيون آھن. حڪمرانن کي سنڌي ماڻھن جي پرواھ ناھي. ڪوئي فڪر ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.