قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ مويا شهر ۾ اياز پليجي جي اڳواڻي ۾ ريلي رٿيل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپويٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران جدوجهد وڌيڪ تيز ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو ريلن ۽ جلسن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب سڀاڻي (اڄ)  مويا شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ درياھ بچايو پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو، 26 اپريل تي نصرپور شهر ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سنڌو درياءَ بچايو ريلي ڪڍي ويندي، 27 اپريل تي اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي علائقي پپري ۾ سنڌو درياءَ بچايو ريلي ڪڍي ويندي ۽ گلشن حديد ڪراچي جي فٽبال گرائونڊ تي قومي عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ لياقت جتھيال جو چالھيو ۽ درياء بچايو جلسي عام ڪيو ويندو جنهن جو مھمان اياز لطيف پليجو ھوندا. اشرف پليجو چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. ڪئنال ٺاھڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.