حڪومت ڪيرائڻ جو مشورو ڏيندڙ ڪئنالن جا حامي آهن: مراد علي شاهه

اسلام آباد(م ڊ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي آهي نه،ڪئنالن جو اسان ڇا ڪنداسين،17 جنوري 2024ع تي ارسا پاران سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو،وڏو گوڙ ڪيو ويو ته 25 سالن ۾ 27ملين ايڪڙ فوٽ سمنڊ ۾ وڃي رهيو آهي،جيو نيوز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم 35 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇڏڻ جي پروپيگنڊا ڪئي وئي،99ع کان 2024 تائين 14 ايم اي اي پاڻي ڪوٽڙي کانهيٺ ويو آهي،1999ع کان اڄ تائين ٽن سالن ۾ رڳو ٻوڏ دوران سراسري طور 14 ايم اي ايف پاڻي ويو آهي، هن چيو ته  2022ع ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ويو آهي،اهو به سنڌ ۾ تيز برساتن سبب ويو،مون کي ٻڌايو ته سنڌ وارين برساتن جو پاڻي ستلج تائين ڪيئن کڻي ويندو؟ هن چيو ته رسول بئراج قادر آباد بئراج، بلونڪي، سليمانڪي بئراج مان اهي ڪئنال ڪڍڻ چاهين ٿا، چناب ۽ جهلم مان اهو پاڻي لنڪ ڪئنالن ذريعي کنيو ويندو،ٻوڏ ته ڪڏهن ڪڏهن ايندي آهي،چشما جهلم لنڪ ڪئنال به ٻوڏ دوران وهندو آهي، هن چيو ته چولستان ۽ ٻين ڪئنالن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٽريلين رپين جي سيڙپڪاري ٿيندي اسان کي ڊپ آهي ته انهن ڪئنالن لاءِ انڊس مان پاڻي کنيو ويندو،هن وقت بي اعتمادي آهي،هن چيو ته چشماجهلم لنڪ ڪئنال تي به اسان کي اعتراض هئا،تڏهن به معاهدو ٿيو هو ته اهو ڪئنال فلڊ دوران هلايو ويندو ،1991ع جي معاهدي ۾ اسان شامل نه هئاسين،ڄام صادق ۽ نوازشريف اهو معاهدو ڪيو هو،پ پ ان معاهدي جي مخالفت ڪئي هئي، هن چيو ته ارسا معاهدي ۾  پيرا 8 ۾ سڀ کان وڏي خامي آهي ته ڪو به صوبو پنهنجي حصي مان منصوبو ٺاهي سگهي ٿو اها سڀ کان وڏي خطرناڪ شق آهي،انگريزن جي دور ۾ به پنجاب ڪجهه اسڪيمون ٺاهيون هيون،سنڌ اعتراض ڪيو هو،انگريز تڏهن چيو هو ته پڇڙي ۾ سنڌ آهي ان جي اعتراض تي اهي رٿائون نٿيون ٺهي سگهن،گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيون رٿائون ان دور جون آهن، هن چيو ته هن وقت انا جو مسئلو ناهي، زمينين حقيقتن کي سمجهڻو پوندو،انڊس ڊيلٽا جي حالت سڀني جي سامهون آهي،چولستان ڪئنال جي فزيبلٽي ۾ ڪڻڪ،ربيع جا فصل به شامل آهن،پلاننگ ڪميشن اعتراض ڪيو ته توهان کي ٽن مهينن لاءِ پاڻي هوندو اهي فصل ڪٿان ايندو؟ان تي ڪو به جواب نه آيو،هن چيو ته صدر زرداري کي بريفنگ ڏني وئي انهن ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت ۽ پلاننگ ڪميشن مان ڪو به نمائندو نه هو،گهرو وزير جو ته پاڻي سان ڪو تعلق ناهي،بريفنگ ۾ چيو ويو ته  اسان پاڻي بچائينداسين جنهن تي صدر چيو هوندو ته ان رٿا کي اڳتي وڌايو،ٽوئيٽ ڪئي وئي،ان بعد صدر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پوري دنيا آڏو چيو ته صوبا راضي ناهن،مان ان رٿا جي حمايت نٿو ڪري سگهان،هڪ سوال تي هن چيو ته عرفان صديقي کي سياست نه کيڏڻ گهرجي،ن ليگ کي چوان ٿو ته وضاحت اچي چڪي آهي ناڪاري انداز ۾ سياست نه ڪئي وڃي،هن چيو ته مون احسن اقبال ۽ اسحاق ڊار کي خط لکيا،جون 2024ع ۾ اسان ارسا جي سرٽيفڪيٽ کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو احسن اقبال مون کي چيو ته سي ڊبليو پي اجلاس ۾ اها رٿا غور نه ٿيندي،آڪٽوبر 2024ع ۾ مون وري کيس چيو ته ان رٿا کي رد ڪيو،چيئرمين پي اينڊ ڊي مون کي فون ڪري چيو ته سبجيڪٽ ٽو سي سي آءِ ڪري ان رٿا کي منظور ڪيو ويو آهي،سي سي آءِ جو اجلاس اڄ تائين ناهي ٿيو،هر ٽن مهينن ۾ اهو اجلاس ٿيڻ گهرجي،پوءِ مون احسن اقبال کي خط لکيو،هن چيو ته اسان اها رٿا منظور ڪري ڇڏي،پوءِ ايڪنڪ جي ايجنڊا ۾ اهو معاملو آيو،اسحاق ڊار چيو ته خط لکو مان ان کي ڊفر ڪندس،مون هن کي خط لکيو،هن ان رٿا کي ڊفر ڪيو،ان تي سندس ٿورائتا آهيون، هن چيو ته وفاقي وزيرن جي سوچ هوندي ته ساڳي پگهار تي ڪم ڪندا رهنداسين،اڃا منصوبو نه پيو ٺهي،حڪومت ڪيرائڻ ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي،هن چيو ته گذريل ڀيري به 7 مهينن ۾ چونڊون نه ٿيون،وري نگران حڪومت اچي انهن رٿائن بابت ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ته پوءِ ڪيڏانهن وينداسين؟حڪومت ڪيرائڻ جو مشورو ڏيندڙ چاهين ٿا ته اهي ڪئنال ٺهي وڃن،جنهن ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت جي حمايت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ سي سي آءِ اجلاس به نٿو ٿي سگهي،هن چيو ته ڪئنالن ۽ اين ايف سي ايوارڊ اهم مسئلا آهن، اين ايف سي 2014ع ۾ ٿيڻ گهرجي ها، ڪالهه 9 مهينن بعد اين ايف سي ايوارڊ لاءِ پرائيوٽ ميمبر نامزد ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير پاران خط مليو آهي ان جو مطلب ته ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.