ايس آءِ ايف سي وارن کي سنڌ جي قوم پرست سياست جو اندازو ناهي:فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪئنال هاڻي نٿا ٺهي سگهن،  ايس آءِ ايف سي وارن کي شايد پاڻي مسئلي تي سنڌجي قومپرست سياست جو احساس نه هو،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس آءِ ايف سي وارن کي خبر نه هئي،صدر زرداري عقلمند ماڻهو آهي هن ڪئنال رٿا بابت اجلاس جي صدارت ڪيئن ڪئي؟هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جنرل ضيا ۽ مشرف جهڙا طاقتور حڪمران به نه ٺاهي سگهيا،هڪ ڀيري مشرف دور ۾ اجلاس دوران جنرل مشرف آڏو ارباب رحيم ۽ لياقت جتوئي چيو هو ته جيڪڏهن توهان کي ڊيم ٺاهڻو آهي ته پوءِ اسان کي قبرستان ۾ جاءِ به اسلام آباد ۾ ئي ڏيندا،هن چيو ته پ پ کي هن وقت ڀت سان نه لڳايو وڃي،بلاول جي تقرير ۾ جان هئي،سنڌ ۾ پ پ جو پي ٽي آءِ يا ن ليگ سان مقابلو ناهي،اتي قومپرستن سان مقابلو آهي،بلوچستان توهان قومپرستن کي اڳ ئي ڏئي ڇڏيو آهي،ڪي پي ۾ به ساڳي صورتحال آهي، هن چيو ته فيصلو ڪندڙن کي پاڻي تي سياست جي خبر نه هئي،

  1. ڄامشوري ۾ ڪوهستان اتحاد پاران موٽروي تي ڌرڻو

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌو درياهه مان تڪراري 6 ڪينال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ ۽ ٻٻرلوءِ ۾ احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل وڪيلن جي حمايت ۾ ڄامشوري ۾ ڪوھستان عوامي اتحاد جي سڏ تي ڪوھستان جي رھواسين پاران ايم نائين موٽر وي تي نيون ٽول پلازه ڀرسان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪوھستان عوامي اتحاد جي چيئرمين محمد بخش مري، سني سنڌي، عبدالرزاق کوسو،دلدار کوسو، ڪامران کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌي ماڻهن جي جياپي جو ذريعو آهي

  1. ادبي سنگت جي اڳواڻ تاج حيدرشر  جي اڳواڻي ۾ قافلو ٻٻرلوءِ پهتو

سکر(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري سرتاج حيدر شر ايڊوڪيٽ جي قيادت ۾ ھڪ وفد ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سرتاج حيدر شر صحافين سان ڳالھيون ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت وڪيلن جي انھيء ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ھن چيو ته اڄوڪي احتجاج ۾ عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ موجود آھي جيڪو ڌرڻي جي ڪاميابي ثابت ڪري ٿو  ان موقعي تي سينئر صحافي ۽ سنگت جو سينئر ميمبر مجيدنواز مغل سچل ڀٽي دودو ڀٽي شفاعت گھانگھرو ۽ تصدق عباس سولنگي پڻ موجود ھيا، اديبن ڪئنالن خلاف زوردار نعري بازي پڻ ڪئي

  1. ڪئنالن ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، سنڌ ڊڪٽيشن نٿي ڏئي سگهي: عظميٰ بخاري

لاهور (بيورو/م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڪينال منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو ۽ ان تي سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن نٿي ڏئي سگهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته پ پ کي سنڌ جي هارين جي ڳڻتي ڇو ناهي؟ پ پ سنڌ ۾ 17 سالن کان اقتدار ۾ آهي، پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي، جيڪڏهن پ پ غلط بياني کان ڪم وٺندي ته جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اڃا تائين ڪو ڪينال ٺهڻ شروع ناهي ٿيو پر ائين نٿي چوان ته اتفاق راءِ نه ٿيو ته ڪينال نه ٺهندا، ڳالهيون ڌمڪين ذريعي ناهن ٿينديون. سندس چوڻ هو ته ان منصوبي ۾ ٻوڏ جو پاڻي استعمال ٿيندو، سنڌ اسان کي ڊڪٽيشن ته نٿو ڏئي سگهي ته اسان ٻوڏ جو پاڻي ڪاڏي ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.