ڀارت جو هڪ طرفو فيصلو سنڌ رد ڪري ٿي:ڊاڪٽر قادر مگسي

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو آھي ته ڀارت  جو سنڌ طاس معاهدو يڪ طرفو ختم ڪرڻ واري عمل کي سنڌ رد ڪري ٿي.ھن پنھنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آھي ته  سنڌ اندر پاڻي جي تحريڪ جو ڀارت فائدو وٺڻ چاهي ٿو. پر سنڌ جا ماڻهو ان سازش کي رد ڪن ٿا.ھن چيو ته ڀارت جي  اهڙي فيصلي جو عالمي ادارا نوٽيس وٺن.ھن چيو ته  سنڌ طاس معاهدي ۾ گارنٽير ورلڊ بئنڪ آهي ان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.ڀارت جي فيصلي سان ڪروڙين انسان سخت متاثر ٿيندا ھن چيو ته  سنڌ کي 1991 جي معاهدي مطابق پاڻي ڏنو وڃي هڪ طرف سنڌ جو پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي ٻي طرف ڀارت جي اهڙي فيصلي سان سنڌ سخت متاثر ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.