جاتي چوڪ شهر ۾ جسقم آريسر پاران ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ريلي

سجاول(رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) جاتي چوڪ شھر ۾ جسقم آريسر، يونٽ جاتي چوڪ ۽ رند اتحاد جي سڏ تي درياھ ما ن ٺھندڙ ڪئنالن  ڪارپوريٽ  فارمنگ جي خلاف جيلاني موري کان  سجاول بدين روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٿرڪول  روڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو  .جنهن ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري،ابوطالب رند، رند قومي اتحاد صوبائي اڳواڻ زاهد رند،اسماعيل رند، اقبال رند ۽ ٻين  اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾  ڪئنالن خلاف احتجاج جاري آهن جيستائين ان منصوبي تان ھٿ نه کنيو ويندو احتجاج جاري رھندا ،هنن چيو ته اسان پنهنجي ڌرتي ۽ درياءُ جي  جياپي  لاءِ آخري گهڙيءَ تائين جھدوجھد جاري رکنداسين احتجاج ۾ جسقم آريسر جي ڪارڪن سول سوسائٽي سميت شھرين مقامي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.