لنڊن/اسلام آباد(انيق ناجي+اسد طور)بلاول جي 4 اپريل واري تقرير جي ڦوڪڻي مان بئريسٽر شهزاد اڪبر وي لاگ ڪري هوا ڪڍي ڇڏي آهي ان ۾ منٽس آف ميٽنگ ظاهر ڪيا ويا،ڪئنالن بابت صدر آصف علي زرداري کي خبر هئي ته ڪئنال ٺهي رهيا آهن،هاڻي پ پ وارا چوندا ته اسان کي ڦاسايو ويو،صدر زرداري بزرگ آهي،وغيره وغيره،زميني حقيقت اها آهي ته اهو معاملو وڌي رهيو آهي،رياست جي طاقت استعمال ڪري سنڌ جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي ٻئي پاسي پ پ ڪئنالن تي اسٽيبلشمينٽ جي سهولتڪاري ڪري رهي هئي پر سنڌ ۾ گهٽي گهٽي ۾ احتجاج جاري آهي،پ پ کي اندازو ٿي ويو آهي ته ڪئنالن تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ بيٺل رهياسين ته ايتري ڀيري اليڪشن ۾ اسان جو ڪائونسلر به نه کٽي سگهندو،ڀارتي راجسٿان ۾ ڪئنالن واري رٿا بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي پر اسان وٽ ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي زحمت ئي نه ڪئي،