سجاول(رپورٽ: منظور احمد ميمڻ) جاتي چوڪ شھر ۾ جسقم آريسر، يونٽ جاتي چوڪ ۽ رند اتحاد جي سڏ تي درياھ ما ن ٺھندڙ ڪئنالن ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف جيلاني موري کان سجاول بدين روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ٿرڪول روڊ وٽ ڌرڻو هنيو ويو .جنهن ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري،ابوطالب رند، رند قومي اتحاد صوبائي اڳواڻ زاهد رند،اسماعيل رند، اقبال رند ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جاري آهن جيستائين ان منصوبي تان ھٿ نه کنيو ويندو احتجاج جاري رھندا ،هنن چيو ته اسان پنهنجي ڌرتي ۽ درياءُ جي جياپي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين جھدوجھد جاري رکنداسين احتجاج ۾ جسقم آريسر جي ڪارڪن سول سوسائٽي سميت شھرين مقامي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا ۽ ٻيا نعرا هنيا ويا