لاهور(م ڊ) جي يو آءِ (ف) ۽ جماعت اسلامي فلسطينين لاءِ گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو آهي. جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته فلسطين جي صورتحال سڄي امت مسلمه لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، سياسي جماعتن کي هن سلسلي ۾ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي ۽ مظلومن سان گڏ بيهڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان، حافظ نعيم الرحمان سان گڏ لاھور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تهفلسطيني عوام لاءِ سڄي ملڪ ۾ بيداري مهم هلائينداسين. هن ٻڌايو ته 27 اپريل تي مينار پاڪستان تي هڪ وڏو جلسو ٿيندو، جنهن ۾ مذهبي جماعتون شرڪت ڪنديون. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه چيو ته ‘مجلس اتحاد امت’ جي نالي سان هڪ پليٽفارم تيار ڪري رهيا آهيون، لاھور ۾ ٿيندڙ اجتماع به انهيءَ پليٽفارم تحت ٿيندو، جنهن ۾ سموريون مذهبي جماعتون ۽ تنظيمون شرڪت ڪنديون . فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ جو موقف واضح آهي: هر صوبي جا وسيلا ان صوبي جي عوام جي ملڪيت آهن، ۽ آئين به ائين ئي چوي ٿو. سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته انهن کي روڪڻ نه گهرجي. بهتر هجي ها ته وفاق ۾ سڀني صوبن کي گڏ ويهاري، اتفاق راءِ سان حڪمت عملي جوڙجي، پر حڪمرانن جي نااهلي سبب هر معاملو تڪراري بڻجي ٿو. امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته هن وقت امت مسلمه ۽ انسانيت جو سڀ کان وڏو مسئلو فلسطين ۽ غزه آهي، جتي اسرائيل آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ ظلم ڪري رهيو آهي.حافظ نعيم چيو ته ملڪ ۾ سڀني کي آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي قبول ڪرڻ گهرجي، ۽ سڀني ادارن کي پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي.