ڪراچي (منظور سولنگي) ويجهي تاريخ ۾ وڪيلن جي سياسي مسئلي تي تحرڪ وٺڻ جو هي پهريون مثال آهي. سنڌو درياهه سنڌ جي انهن ڪروڙين ماڻهن کي جاڳايو آهي جن جو سياست سان ڪو واسطو نه هو، اهي ماڻهو به نڪتا آهن جيڪي ڪڏهن ڪنهن مظاهري يا سياسي پروگرام ۾ شريڪ نه ٿيا، اهي به نڪتا جيڪي ڪڏهن ميڊيا سامهون نه آيا هئا. سنڌو درياهه بچايو تحريڪ ۾ سياسي ڪارڪن، پارٽيون سرگرم هيون پر اسڪولن جا استاد، ڊاڪٽر، انجنيئرنگ جا شاگرد، آبادگار، مدرسن جا مولوي، دڪاندار، درگاهن جا گادي نشين، کدڙا فقير به درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا. ٻٻرلوءِ ڌرڻو ڏينهون ڏينهن ماڻهن جي محبت جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، احتجاج ۾ شرڪت هر ماڻهو لاءِ فرض بدران قرض جي صورت اختيار ڪري رهيو آهي. روز سوين قافلا ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن. اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ وڏيون تحريڪون هيون پر سنڌو درياهه بچائڻ واري موجوده تحريڪ هر واهڻ ۽ وسنديءَ مان نڪري نروار ٿي آهي ۽ ان حڪمرانن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. هر ماڻهو جو اهو وچن آهي ته هيءَ تحريڪ تيستائين ختم نه ٿيندي جيستائين ڪئنالن جي منصوبي کي ختم ڪرڻ جو اعلان نٿو ٿئي.