حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ مطالبو ڪيو آهي ته صدر آصف علي زرداري سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏيڻ تي صدارتي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي سنڌي قوم کان معافي وٺي، چشمه جھلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ فوري طور تي بند ڪري سنڌو درياھ مان پاڻي چوري کي ختم ڪيو وڃي، گرين پاڪستان منصوبن تحت چولستان جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور 6 نوان ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي گرين انيشيٽو منصوبو رد ڪري سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50-50 ايڪڙ زمين ڏئي مفت زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي. اهڙو مطالبو قومي عوامي تحريڪ جي 6 نون ڪئنالن ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل “درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ” جي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پهچڻ تي جلسي ۾ قراردادون پاس ڪندي ڪيو ويو. گذريل رات پيادل مارچ حيدرآباد جي هالاناڪه وٽ ترسڻ بعد صائمه پلازه ڪاري موري کان ٿيندو حيدرآباد پريس ڪلب وٽ پهتو. هالاناڪه وٽان پيادل مارچ جي اڳواڻي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو ڪئي. جڏهن ته اڳئين منزل ڏانهن پيادل مارچ جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيه پليجو ۽ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزنل جي صدر ايڊووڪيٽ آڪاش رند جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيو، جيڪو پريس ڪلب تي پهتو. جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو. جلسي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو ته ڪئنال ٺهيا ته سنڌ ڪربلا جو ميدان بڻجي ويندي، سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ تڙپندا. زينت سمون چيو ته پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين سنڌ دشمن ڌرين سان گڏجي سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿي، الطاف خاصخيلي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو، سجاول ۽ بدين کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو، رفيعه پليجو چيو ته پاڻي لاءِ جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي، ايڊووڪيٽ آڪاش رند چيو ته پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي، امداد پنھور چيو ته سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪنداسين. نظير بليدي چيو ته پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نه پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن، نصرت خاصخيلي چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي،مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري اختيار پنھور، نذير بليدي، خادم سمون، امداد پنھور، اعجاز سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، ناھيد جوڳي، صبا سمون، عذرا رند، فضا ملاح، فريد ملاح، معشوق چانڊيو، راجا چانڊيو، آغا عباس، جھانگير ملاح، رفيق قمبراڻي، زاھد ڀنڀرو، معشوق وگھيو ۽ ٻيا شامل هئا.پيادل مارچ جو وک وک تي عام ماڻهن، واپارين ۽ شھرين گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو، تلڪ چاڙهي چوڪ تي واپارين پاران شربت جي سبيل لڳائي پانڌيڙن کي جوس ۽ بوتلون پڻ ڏنيون،