زين شاهه پاران عامر وڙائچ کي ڀيٽا پيش

نوشھرو فيروز/راڻيپور( عتيق الرحمان وسطڙو+فياض راڄپر)ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه جي ٻٻر لو وڪيلن جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِويندي نوشھرو فيروزه باءِ پاس تي ڪارڪنن خادم حسين سيال،مھر وسطڙو ۽ ٻين پاران گلن جي ورکا ڪري استقبال ڪيو زين شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 8 مھينن کان مسلسل سنڌ جون قومپرست پارٽيون وڪيل،شاگرد، صحافي، فنڪار، شاعر، اديب سراپا احتجاج آھن پر ھن جدو جھد کي وڪيلن جي لانگ مارچ ۽ وري ٻٻر لو ڌرڻي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آھي هوڏانهن سيد زين شاھ جي  راڻيپور پھچڻ تي ايس يو پي جي سکر ڊويزن جي اڳواڻ بشير لنڊ، استاد نذير لنڊ شفيق احمد پنھيار  گلن جي ورکا ڪري  شاندار استقبال ڪيو ويو ،هن چيو ته  سنڌو درياهه سان محبت ڪندڙ ڪھڙي به ٻولي وارو ھجي اھو اسان جو حصو آھي وڪيل  عامر وڙائچ جنھن کي سنڌي به نٿي اچي پر ھو سنڌ وطن سان محبت ڪري ٿو ته سنڌ جو ھر ماڻھو کيس پيار ڏئي ٿو،سنڌ جي ماڻھن جو سنڌو دريا سان پيار ۽ جذبو ڏسي ڪري وفاق کي ڏينھن جا تارا ياد اچي ويا آھن هن چيو ته  ھاڻي عوام جي سجاڳي جي ڪري ردعمل کي ڏسي ڪري پيپلزپارٽي منھن لڪائڻ خاطر جلسا ڪري رھي آھي ڪئنالن سان گڏ ڪارپوٽريٽ فارمنگ پڻ حڪمرانن کي رد ڪرڻيون پونديون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.