ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ ڌريون ڪهڙي ايجنڊا تي ڪم پيون ڪن؟ سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪميشن ٻاهران سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اهو لڳي ٿو ته مسلم ليگ ن به ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽي کينقصان پهچائڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن اسان جي صوبي ۾ اسان جي حصي جو پاڻي استعمال ٿئي ٿو ته سڄي ملڪ کي ان مان فائدو حاصل ٿيندو. مان مسلم ليگ-نواز جي پنهنجن دوستن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجي ذهن مان اهو ڪڍي ڇڏين ته ڪنهن طرح اسان ڪينالن تي متفق ٿي وڃون، ته پوءِ اسان ڪنهن به حالت ۾ ڪينالن کي قبول نه ڪنداسين،هن چيو ته وزيراعظم کي پاڻي ورهائڻ جو اختيار به ناهي، سنڌ ۾ مخالف ڌريون جيڪي واهن جي نالي تي سنڌ جي ماڻهن کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، انهن کان پڇيو وڃي ته اهي ڪهڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن. سعيد غني چيو ته اسان جو موقف گهڻو اڳ سامهون اچي چڪو هو،جيڪڏهن مصدق ملڪ چئي رهيو آهي ته هن گئس وٺڻ وقت نه ڳالهايو ، اسان ڪنهن به صوبي کان گئس نه ورتي آهي. جيڪڏهن انهن جي ذهن ۾ ڪا غلط فهمي آهي ته انهن کي ان کي دور ڪرڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر آهي ۽ آئين تحت پاڪستان جي صدر کي ڪو به انتظامي اختيار حاصل ناهي. احتجاج ذريعي سنڌ صوبي جي ماڻهن کي تڪليف پهچائڻ مناسب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.