خيرپور (ن ع آ) خيرپور ۾ وڪيلن جي تڪراري ڪئنالن خلاف هلندڙ احتجاجي تحريڪ کي عدليه جي به اخلاقي حمايت ملي وئي. سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد احسان حيدر شاهه پنهنجي عدالت جي ڪرسي تي هڪ اهم پيغام لکندي وڪيلن جي جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو. جج سيد احسان حيدر شاهه پنهنجي نوٽ ۾ واضح ڪيو ته هو قانون جي بالادستي ۽ انصاف لاءِ وڪيلن جي هن تحريڪ سان مڪمل سهڪار ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪئنالن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ هاڻي معاشري جا سمورا شعبي متحرڪ ٿي رهيا آهن. جج صاحب جي حمايت کي قانوني حلقن ۽ شهرين پاران ساراهيو ويو.