خيرپور(ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھوڙو چيو آھي ته سنڌو درياھ مان جيڪي 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن انھن تياسان کي به اعتراض آھي پر مسلم ليگ ن پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ان 6 ڪئنالن جي حامي آھي ۽ ان جي ئي آشيرواد سان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو رٿيو ويو آهي ملڪ جي صدر آصف علي زرداري کي ته 5 ڪلو ميٽر روڊ تعمير ڪرائڻ جو اختيار ناھي ته اھو ڪئنال ڪئين ڪڍرايندو اھڙي ڳالھ ھن وساڻ ھائوس خيرپور ۾ پرھجوم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي ھن چيو ته ملڪ جو وزير اعظم شھباز شريف به وزير اعلي پنجاب مريم نواز اڳيان بيوس بڻيل آهي پ پ مخالف صدر پاڪستان تي الزام ھڻندي نٿا ٿڪجن صدر اجلاس ۾ ضرور ويٺو هيو پر ان ڪئنالن جي منظوري نه ڏني هئي ڪئنال پنجاب حڪومت طرفان ٺھرايا پيا وڃن ان موقعي تي نواب خان وساڻ، ھالار خان وساڻ، بچل شاھ پڻ موجود هئا.جڏھن ته نفيسه شاھ جيلاني پريس ڪانفرنس ختم ٿيڻ پھتي.