سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ بار ڪائونسل ڪينال منصوبي خلاف ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقت رحيم راجپوت چيو ته تڪراري ڪينال منصوبو واپس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.
هن چيو ته 25 اپريل کانپوءِ قومي شاهراهه سان گڏ ريلوي ٽريڪس تي به ڌرڻا هنيا ويندا، عوام کي اپيل ٿا ڪيون ته 25 اپريل کانپوءِ ٽرينن ۾ سفر نه ڪن نه ته کين پريشاني ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته سنڌو درياهه اسان جو ساهه آهي، ان تي سوديبازي قبول نه ڪنداسين، ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.
سنڌ بار ڪائونسل جو ڪينال منصوبي خلاف 25 اپريل کانپوءِ ريلوي جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو اعلان
You might also like