ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تڪراري ڪينالن خلاف ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن طرفان هڙتال ڪئي وئي.
سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن سٽي ڪورٽ ۾ هڙتال ڪئي، اڄ صبح وڪيلن سٽي ڪورٽ جا داخلي دروازا بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب عدالتي ڪارروائي معطل ٿي وئي، جڏهن ته عدالت ٻاهران فريادين جي رش لڳي وئي.
سنڌ بار ڪائونسل طرفان چيو ويو آهي ته ڪينالن جي اڏاوت جي حوالي سان وڪيل برادري جا مطالبا تسليم ٿيڻ تائين عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ جاري رهندو.
You might also like