حيدرآباد(رپورٽر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري مرڪزي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار،ستار رند،عمره سمون، لال جروار، ڏاڏا قادر رانٽو، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر دلدار لغاري راحيل ڀٽو، نور نبي پليجو، سنڌو ماروي، حسنه راهوجو، پرهه سومرو،سنڌو ملاح، ڪائنات ڏاهري، ڪونج لاشاري، زاهده لاشاري، عبدالرحمان سمون، اياز کوسو، مختيار خاصخيلي، اظهار دائود پوٽو، مير پرويز دائودپوٽو، حسين سومرو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپورٽ فارمنگ خلاف هلندڙ جدوجهد جي حوالي سان غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪئنالن ۽ ڪارپورٽ فارمنگ خلاف گذريل ٽن ڏينهن کان ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن جي هنيل ڌرڻي ۾ مون سميت عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن مسلسل شامل رهياسين. اڄ به عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرون ۽ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻي ۾ شامل آهي. اڄ صبح جو وڪيلن جي ڌرڻي تي فائرنگ ڪئي وئي آهي،ان جي جيڪا به مذمت ڪئي وڃي سا گهٽ آهي، هن چيو ته وفاقي سرڪار جي راڻا ثناالله ۽ شرجيل ميمڻ جي حوالي سان رپورٽون هلندڙ آهن ته ڪئنالن واري معاملي تي انهن جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي آهي. عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. تنهن ڪري انهن پارٽين جي قيادت تي ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه اعتبار نه آهي. فوري طور تي انويسٽمينٽ بورڊ ترميمي ايڪٽ 2023ع واري ملڪ دشمن ڪاري قانون کي واپس ورتو وڃي.عوامي تحريڪ ٻٻرلو تي ڌرڻو هڻي ويٺل وڪيلن سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن کي پُرامن جمهوري جدوجهد جاري رکڻ تي جس ٿي ڏي ۽ سلام ٿي پيش ڪري.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئنالن ۽ ڪارپورٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلو بائي پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون روزاني جي بنيادن تي ڀرپور شرڪت ڪنديون،هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف 29 اپريل تي عثمان شاهه هڙي لڳ ٽنڊو الهيار، 27 اپريل مويا شهر، 26 اپريل بچل ڪلوئي جهڏو، 25 اپريل کور واهه، 28 اپريل دمبالو ٽنڊو غلام علي، 23 اپريل سانگي ڦرهو، پهرين مئي ننگرپارڪر، 2 مئي ڏهرڪي، 3 مئي ريتي، 4 مئي شڪارپور، 10 مئي لاڙڪاڻي شهر سميت ٻين علائقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون.