ڌاٻيجي (ن ع آ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ست ڪروڙ سنڌين پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکي ريفرنڊم ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ڪينال يا ڊيم قبول ناهي ،هن چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ هر فرد ۽ تنظيم کي جس هجي، ڇو ته سنڌ جا قدرتي وسيلا، جن ۾ تيل، گيس ۽ هاڻ پاڻي به شامل آهي، قبضي هيٺ آندا پيا وڃن هن چيو ته سنڌو درياھ رڳو پاڻيءَ جو ذريعو نه پر اسان جي سڃاڻپ، تهذيب، زراعت ۽ جيئڻ جو اهم ذريعو آهي. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي رهي آهي، لاڙڪاڻي ۾ معصوم نينگر، ايان علي تي ٿيل فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته معصومن تي ٿيندڙ اهڙا حملا سماج جي بي حسي ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهن. هن چيو ته 25 اپريل تي سن شهر ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي جلسي ۾ سنڌو درياھ کي بچائڻ اھم اعلان ڪندس،.
ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ تاريخي هڙتال،مظاهرا،خبر موجب حيدرآباد ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ٿي، شهر جي قاسم آباد، لطيف آباد ۽ سٽي وارن علائقن جا مک ڪاروباري مرڪز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون، دڪان ۽ پيٽرول پمپ بند رهيا، جڏهن ته روڊن رستن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، ڪيترن ئي هنڌن تي قومي ڪارڪنن پاران روڊن تي اچي احتجاج ڪري ڪينالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. فيض گنج ۾ ڪارڪنن پڪاچانگ باءِ پاس، ڪوٽ لالو، منگيا ناڪا، ڪرونڊي ۾ ڌرڻا هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، ڀنگو بهڻ، ڪرونڊي، اڪري چودڳي، ظفر آباد سميت ٻين شهرن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي اڳواڻن ڪامريڊ عطا حسين شر، رياض چانگ، لالڻ شر، ارشاد ملاح، اسد منگيو، ڪامريڊ انصاف راڄپر، عابد شاهه ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، هوڏانهن تعلقي مانجھند جي مختلف ھنڌن تي شٽر بند ھڙتالون ڪري انڊس ھاء وي تي ڌرڻا ھنيا ويا سن ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي جڏھن ته جسقم اڳواڻ تراب علي شاھ ايس يو پي اڳواڻ انور مڱڻھار نعمت الله شاھاڻي جي اڳواڻي ۾ سن انڊس ھاء وي تي نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھنيو ويو مانجھند ۾ گلشير کوسو پير سجاد اڪرم کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٻئي پاسيسجاول شهر مڪمل طور تي هڙتال رهي ،ٺٽي شھر ۾ واپارين پنھنجا ڪاروبار بند ڪري مڪمل شٽربند ھڙتال جھمپير، جنگشاھي، گجو، گھارو، ميرپور ساڪرو، جھرڪ، سونڊا، ور، غلام الله سميت ضلعي ٺٽي جا ننڍا وڏا شھر بند رھيا ڳڙھي خيرو ۾ ڪاروبار بند ديدارحسين عمراڻي، عابد علي دايو، ڪامريڊ وحيد علي لغاري، منصور علي ٻٻر ،بھرام خان لھر، جسقم جي تعلقه صدر ديدارحسين عمراڻي، منصور حسين ٻٻر، عابدعلي دايو، شھزاد ڀٽي، ظفرعلي دايو، ايس ٽي پي جي اڳواڻ حاجي ميھر ديناري، قومي عوامي تحريڪ جي تعلقه صدر جاويد جمالي، غلام رسول ناگريجو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ٻئي پاسي گهوٽڪي،عادلپور، قادرپور،ماٿيلو مومل جي ماڙي سميت ننڌن وڏن شهرن ۾ به شٽربند هڙتال ڪئي وئي هوڏانهن جسقم اڳواڻ استاد محبوب گهوٽو،حبيب الله گهوٽو،ڪامريڊ اڪرم ٿهيم،ثناالله ڪليري،جي يم گهوٽو،لطيف ميراڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پپل چوڪ کان پريس ڪلب تائين ڪئنالن واري منصوبي خلاف ريلي ڪڍي وئي،قمبر ۾ ننڍا وڏا مرڪزي ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا شاهجهان ڪلهوڙو،آفتاب شاھ،حسنين بخاري،خالق چانڊيو،شفيق جوڻيجو،زاهد گوپانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻي ۾ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻن محمد جان بروهي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو ساجد خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،هوڏانهن ڪوٽڏيجي ڪوٽ بنگلو ۾ شهرين پاران شٽر بند هڙتال ڪري شهرين ۽ صحافين پاران ثناء الله بگٽي امان الله بگٽي ميهر ملاح جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي،لاڙڪاڻي ۾ به شٽرڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن اطهر سومرو، عزيز الرحمان شيخ، اشرف ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ جي ماڻهن ڦيٿاروڪ هڙتال ڪري تاريخ ملهائي هوڏانهن نوشهرو فيروز ۾ شاھي بازار مورو روڊ الله وارو چوڪ ٺاروشاھ اسٽاپ اسپتال روڊ مڪمل بند رھيا جڏهن ته خيرپور جي اٺن تعلقن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل هڙتال ڪئي وئي ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا خيرپور جي لقمان ريلوي ڦاٽڪ کي بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ عوامي ايڪسپريس کي روڪيوويو جنهن سبب پنجاب ايندڙويندڙ ٽريفڪ معطل رهي خيرپور ضلعي جي اٺن تعلقن خيرپور پيرڳوٺ گمبٽ صوبوديرو نارو ڪوٽڏيجي ٺري ميرواھ فيض گنج ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي امجد مهيسر ڪئي، ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو، حيات پتافي،جروار،سميت گھوٽڪي ضلعي جي ننڍن توڙي جو وڏن شھرن ۾ مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال سوين شھري قوم پرست اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا قوم پرست اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ اڪرم ميتلو نعمان سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءُ اسان جو جياپو آھي مٽياري ۾ به مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪئي وئي،ڪارڪنن شرجيل سالاريو ،ذوالفقار ڏيٿو، شهزاد سنڌي ايس يو پي اڳواڻ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ٽنڊو محمد خان ۾ مڪمل شٽر بند ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي ، جسقم جي ڪارڪنن ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شهر جي هوشو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،هوڏانهن جسقم ڪارڪنن سان هڙتال دوران مختلف علائقن ۾ پوليس سان ڏند چڪ ۽ جهڙپن جو سلسلو پڻ جاري رهيو ،دادو ۾ شٽر بند ھڙتال ۽ جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران دادو شھر جي جوھي موڙ تي انڊس ھاءِوي تي ڌرڻو ھنيو ويو بعد ۾ جسقم اڳواڻ منصور جمالي، نياز چنا جي اڳواڻي ۾ ميونسپل پارڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وئي،هوڏانهن دريا خان مري مان ضمير وسطڙو موجب دريا خان مري شھر جون بازارون مڪمل طور تي بند رهيون امام بخش عمراڻي ثنا شر عرفان مگسي جي اڳواڻي ۾ نصرت واھ پل کان ريلي ڪڍي،ٻئي پاسي ڄامشورو ۾ به ڪامريڊ سومر جمالي،عابد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪرائي وئي،ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو ۾ هڙتال دوران جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ 6 ڪينالن خلاف پرامن طور تي هڙتال مڪمل ڪامياب وئي